” سال 2025 جي سرمئي شام، سيد خدا ڏنو شاهه جي نانءُ“

تحرير: سامي ميمڻ

سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ قومي تحريڪن جي تاريخ ۾ ڪي اهڙا ڪردار جنم وٺن ٿا، جيڪي رڳو فرد نه  پر هڪ تحريڪ، هڪ فڪر ۽ هڪ دور جي علامت بڻجي ويندا آهن. سيد خدا ڏنو شاهه به اهڙن جاکوڙي ڪردارن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي سڄي حياتي مارو ماڻهن، پورهيتن، ڌرتي ڌڻين ۽ سنڌ جي وسيلن جي تحفظ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. لطيف سائين جي هنن سٽن کي هن پنهنجي عمل سان سچ ثابت ڪيو، سرجيس تان سور، سامايس ته سک ويا، آهي ٻئي پور مون، نماڻي نصيب ٿيا.

 اهڙي مهان شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اڄ 31 ڊسمبر 2025ع تي سنڌ جا ساڃاهه وند، سياسي، سماجي، صحافي ڪارڪن ۽ چڱا مڙس ڀنڀور جي تاريخي ماڳ تي سال 2025 جي سرمئي شام سيد خدا ڏنو شاهه جي نانءُ، جي سري هيٺ ملهائڻ  لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن. اها شام رڳو هڪ شخص جي عزت افزائي نه، پر سنڌ جي مزاحمتي تاريخ سان نئين سر ناتو جوڙڻ جو اظهار هوندي.

سيد خدا ڏنو شاهه، پورهيت گهراڻي سان تعلق رکندڙ سيد يعقوب شاهه جو فرزند، 1954ع ۾ ڪراچي جي قديم وسندي لياري جي علائقي ڪلري ۾ جنم ورتو. هن جي اک اهڙي سماج ۾ کلي، جتي محنت، ڏک، جدوجهد ۽ عزت گڏجي زندگيءَ جو بنياد بڻيا. 1960ع ۾ هن پرائمري تعليم حسين ميمڻ جوهو، تعلقو گهوڙاٻاڙي، ضلع ٺٽو مان حاصل ڪئي. لڏپلاڻ سبب مختلف اسڪولن مان تعليم حاصل ڪندو رهيو، پر سندس اصل درسگاهه عوام، ڌرتي ۽ تاريخ رهي.سيد خدا ڏنو شاهه سياست جي عملي ميدان ۾ 1976ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري قدم رکيو. جلد ئي هن محسوس ڪيو ته سياست رڳو اقتدار جو نالو نه، پر عوام جي حقن لاءِ مزاحمت جو ٻيو نالو آهي. 1978ع ۾ رسول بخش پليجي  جي فڪر ۽ جدوجهد کان متاثر ٿي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. پليجي پاران جوڙيل ڪراچي ديهي حقوق ڪميٽي جو کيس آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو، جتان هن پورٽ قاسم، اسٽيل مل ۽ ڪراچي ٻهراڙين جي متاثرين لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي.

1979ع ۾ يونين ڪائونسل لانڍي جي ڪائونسلر چونڊجي اچڻ کانپوءِ، 3 آگسٽ 1983ع تي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ عملي حصو ورتائين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ احتجاج طور پنهنجي سيٽ تان استعفيٰ ڏنائين. اها قرباني هن جي سياسي سچائي جو واضح ثبوت هئي.1986ع ۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ، پوءِ سنڌ نيشنل فرنٽ سان وابستگي، ۽ 1987ع ۾ ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو ميمبر چونڊجڻ سان هن ضلعي سطح تي سنڌ جي مسئلن کي جرئت سان اجاگر ڪيو. ڪراچي ٻهراڙين ۾ هن جا ڪرايل ترقياتي ڪم اڄ به زمين تي زنده شاهدي ڏين ٿا.

1992ع ۾ هم خيال دوستن سان گڏجي “ماروئڙا سماجي سنگت” جو بنياد وڌائين. 1997ع ۾ “ملير بچايو اتحاد” قائم ڪري ملير ۽ ڪراچي ٻهراڙين ۾ مزاحمتي تحريڪ جو آغاز ڪيو. ان اتحاد جي پليٽ فارم تان قديم ڳوٺن جي تحفظ، ڌارين جي آبادڪاري خلاف، ضلعي ڪائونسل جي بحالي، مشرف جي سٽي نظام ۽ قديم ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي.2001ع ۾ بن قاسم ليبر ڪائونسلر جي سيٽ تي سخت مقابلي کانپوءِ رڳو ٻن ووٽن تان هارائي ويو. 2005ع ۾ ساڳئي سيٽ تي ڄاموٽ گروپ پاران پيپلز پارٽي جي طاقتور اميدوار کي شڪست ڏئي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. 2006ع ۾ بن قاسم ٽائون جو وقتي ناظم مقرر ٿيو.جون 2015ع ۾ ابراهيم حيدري، رزاق آباد، پپري، گهگهر سميت ٻهراڙي وارن علائقن کي ٻيهر ضلعي ڪائونسل ڪراچي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪئي، جيڪا ڪاميابي سان ضلعي ڪائونسل جي اصلي حيثيت بحال ڪرائڻ جو سبب بڻي.2015ع ۾ گل حسن ڪلمتي، رخمان گل پالاري، حمزي پنھور، ساقي شاهه، سامي ميمڻ ۽ ٻين سان گڏجي بحريا ٽائون جي والار خلاف مزاحمت جو اعلان ڪيو، جيڪا اڳتي هلي “سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس” جي نالي سان سڄي سنڌ جي تحريڪ بڻجي وئي. اڄ سيد خدا ڏنو شاهه ان الائنس جو مرڪزي صدر آهي.

سيد خدا ڏنو شاهه کي ڪراچي جي تاريخ جو انسائيڪلوپيڊيا سڏڻ وڌاءُ نه ٿيندو. آثار قديمه بورڊ، ملير جيل اوور سائيٽ ڪميٽي، زڪوات ڪميٽي، ملير هسٽاريڪل ڪميٽي ۽ انساني حقن جي ڪميٽين ۾ سندس ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. هن پنهنجي خاندان جي قلمي نسخن ۽ شجرن کي سهيڙي ڪتاب مرتب ڪرايو، جڏهن ته سندس آتم ڪٿا ڇپائي هيٺ آهي.1976ع کان اڄ تائين هن سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ بي شمار مضمون لکي، ڪالا باغ ڊيم، ٻٽو نظام، سنڌ جي ٻيٽن جي نيلامي، ڪراچي ٻهراڙين ۽ ملير جي مسئلن تي مسلسل آواز اٿاريو آهي رزاق آباد ۾ سندس اوطاق اڄ به سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ميلو بڻيل آهي، جتي لطيفيات تي سحرانگيز گفتگو ٿيندي آهي. سيد خدا ڏنو شاهه رڳو هڪ شخص نه، پر هڪ زنده تحريڪ آهي جيڪا سنڌ سان وفا، ڌرتي سان عشق ۽ عوام سان اٽل وابستگي جو نالو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.