شادي جو دروازو بند ناهي ڪيو، محبت تي هاڻ به يقين رکان ٿي: ملائڪا اروڙا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ملائڪا اروڙا طلاق ۽ مستقبل ۾ شادي جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو کليل نموني اظهار ڪري ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ ملائڪا اروڙا اداڪار ۽ پروڊيوسر ارباز خان سان عليحدگ ي ۽ ان کانپوءِ جي جذباتي سفر بابت کليل نموني ڳالهايو.
ٻنهي جي شادي تقريبن ٻن ڏهاڪن تائين رهي، جنهن کانپوءِ هو 2017 ۾ ڌار ٿي ويا، کين هڪ پٽ جو اولاد پڻ آهي، جنهن جي پرورش ٻئي ڪري رهيا آهن.
اداڪارا ڏکئي وقت جو ذڪر ڪندي چيو ته رڳو عام ماڻهن نه پر دوستن ۽ خاندان وارن به مون تي تنقيد ڪئي، ماڻهن منهنجي هر فيصلي تي سوال اٿاريو، مون لاءِ اهو سمجهڻ ڏکيو هو ته مان پنهنجي شادي ختم ڪرڻ جي چونڊ ڇو ڪئي.
هن چيو مون کي خبر نه هئي ته اڳتي ڇا ٿيندو پر اها خبر هئي ته مون کي اڳتي وڌڻو آهي، ڇو ته مون کي خوش رهڻ جي ضرورت هئي، مان پنهنجي چونڊ ڪئي ۽ مون کي ان فيصلي تي ڪو پڇتاءُ ناهي.
سندس چوڻ هو ائين ناهي ته طلاق کانپوءِ مان سخت ٿي وئي آهيان ۽ رشتن تي اعتبار ناهي رهيو، حقيقت ۾ هاڻ به محبت ۽ تعلق تي يقين رکان ٿي، مان شادي تي به يقين رکان ٿي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هاڻ ئي شادي ڪري ڇڏيان، مان شادي لاءِ دروازا بند ناهن ڪيا، ٿيڻي هوندي ته ٿي ويندي پر ان جي ڪڍ نٿي لڳان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.