اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ 27 ارب رپين جي سولر انرجي پراجيڪٽ ۾ اربين رپين جي بي قاعدگين جو انڪشاف ٿيو آهي.
سينيٽر سيف الله ابڙي جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اقتصادي معاملن بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ 27 ارب رپين جي سولر انرجي پراجيڪٽ ۾ اربين رپين جي بي قاعدگين جو انڪشاف ڪيو ويو.
پلاننگ ڊويزن سنڌ جي اختيارين ٻڌايو ته سولر پراجيڪٽ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جا ثبوت مليا آهن، ان پراجيڪٽ جون ٻه ڀيرا انڪوائريون مڪمل ڪيون ويون آهن، اهو پراجيڪٽ اين جي اوز تحت ڏنو ويو هو ۽ غريبن کي سولر پينل ملڻا هئا، هر سطح تي وڏي پيماني تي بي قاعدگيون سامهون آيو آهن.
سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته غريب جو پيسو کائڻ وڏو ظلم آهي، ائين ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي.
سيف الله ابڙي چيو ته اين جي اوز جي سليڪشن بنا ٽيندر جي ٿي، 21 هزارن ۾ ملندڙ پينل 60 هزارن ۾ ورتو ويو، پنهنجي مرضي جي ماڻهن کي نوازڻ لاءِ سڄو پلان ٺاهيو ويو.
ڪميٽي ايندڙ اجلاس تي سيڪريٽري کي سموري رڪارڊ سان گڏ ٻيهر طلب ڪري ورتو.
You might also like