تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ٻيهر ڪا جارحيت ڪئي ته تهران جو ردعمل سخت هوندو.
ايراني صدر اها ڳالهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ان بيان کانپوءِ ڪئي، جنهن ۾ هن تهران کي هڪ نئين امڪاني حملي کان خبردار ڪيو هو.
مسعود پزشڪيان ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته آمريڪا طرفان ايران خلاف ڪنهن به نئين جارحيت جي صورت ۾ تهران فوري طور ۽ سخت جواب ڏيندو.
واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سان گڏ فلوريڊا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايران کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ان جوهري پروگرام يا بيلسٽڪ ميزائل ٺاهڻ جو ڪم بحال ڪيو ته آمريڪا ان تي هڪ ٻئي وڏي حملي جي حمايت ڪندو.
You might also like