باجوڙ (م ڊ) خيبرپختونخوا جي باجوڙ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران پنج ڀارتي اسپانسرڊ خارجي مارجي ويا، جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر عديل زمان شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، باجوڙ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ڀارتي اسپانسرڊ پنج خارجي ماريا ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر عديل زمان شهيد ٿي ويو، سندس تعلق ڊيرا اسماعيل خان سان هو. آءِ ايس پي آر موجب، ميجر عديل زمان فرنٽ تان فوجي جوانن جي قيادت ڪئي ۽ دهشتگردن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي.