ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي جي هڪ نوجوان ملازم جو تشدد ٿيل لاش صفورا جي ويجهو علائقي مان هٿ آيو، سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او شبير حسين موجب 37 ورهين جي رحمت علي جو لاش الازهر گارڊن ڀرسان جهنگ مان مليو، شڪ آهي ته کيس قتل ڪري لاش ٻوري ۾ وجهي اڇلايو ويو، نوجوان جي لاش کي تار سان ٻڌيو ويو، ملازم جي مٿي تي سخت ۽ تيز اوزارن سان وار ٿيل هئا، پوليس آفيسر موجب مقتول ڪراچي يونيورسٽي جي ايڇ اي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جو ملازم هو، جيڪو اڳ ۾ اسٽاف ٽائون ۾ رهائش پذير هو پر تازو سچل ڳوٺ منتقل ٿيو هو، مقتول جي والده پوليس کي ٻڌايو ته پٽ آچر ڏينهن گهر مان اهو چئي نڪتو هو ته موبائل فون ٺهرائڻ وڃي رهيو آهي پر واپس نه موٽيو، سندن ڪنهن سان ڪا به دشمني نه هئي، پوليس شڪ ظاهر ڪيو ته رحمت علي کي ڪنهن ٻئي هنڌ قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ لاش سنسان علائقي ۾ آڻي اڇلايو ويو.