ڪابل(م ڊ)طالبان جي گهرو وزير پاڪستان جي مذهبي شخصيتن ۽ سياسي اڳواڻن جي تازي ’نيڪ نيتي تي ٻڌل بيانن‘ جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي،ڪابل ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الدين حقاني چيو ته پاڪستان ۾ افغانستان بابت ڏنل ’تعميـري ۽ خيرخواهاڻن‘ بيانن کي ساراهيون ٿا۔ هن خاص طور تي مولانا فضل الرحمان ۽ مفتي تقي عثماني جي بيانن جي واکاڻ ڪئي۔هن پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي تازي بيانن کي به مثبت قرار ڏيندي چيو ته اهي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا۔سراج الدين حقاني چيو ته افغانستان ڪنهن لاءِ به خطرو ناهي ۽ طالبان ملڪ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم رکڻ لاءِ پرعزم آهن۔