ڄامشورو(ڊ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جو اجلاس پارٽي صدر سيد زين شاھ جي صدارت ھيٺ جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ٿي گذريو،اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ تنظيمي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ 17 جنوري 2026 تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي حوالي سان تياري ڪميٽي ٺاهي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي ڀرپور جلسو ڪيو ويندو جنهن مطابق سالگره جي موقعي تي 16 جنوري شام جو صوفياڻي محفل ڪئي ويندي ۽ رات جو 12 بجي مشعل بردار ريلي ڪڍي سائين جي ايم سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ويندي،17 جنوري تي منجهند 1 وڳي سائين جي ايم سيد جي 122 هين سالگرھ جو جلسو ڪيو ويندو ۽ ڪيڪ ڪٽيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ ٻيا آيل مهمان جلسي جي خطاب ڪندا.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته 31 جنوري 2026 تي پارٽيءَ جو جنرل ڪائونسل اجلاس سن ۾ ٿيندو جنهن ۾ مرڪزي ڪنوينشن ذريعي پارٽي جي مرڪزي باڊي جون چونڊون ڪرايون وينديون.31 جنوري تي ڪراچي پريس ڪلب تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي طرفان قومي ڪانفرنس ڪئي ويندي جنهن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل جماعتن سميت سنڌ مان ٻين مختلف سياسي جماعتن جا اڳواڻ ۽ نالي وارا وڪيل شريڪ ٿيندا.اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ويو ته تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي سڏ تي 8 فيبروري 2026ع تي سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ ڦيٿا روڪ ۽ عام هڙتال جي سڏ تي سنڌ ۾ پڻ ان فيصلي تي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي ته جيئن سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به ان فيصلي تي عمل ڪرايو ويندو،اجلاس ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صدر سيد زين شاھ، روشن علي ٻرڙو، سيد منير حيدر شاھ، منير نائچ، امير حسن پنھور، اصغر قريشي، ھنجھراج ۽ مختيار احمد ميمڻ شريڪ.