پشاور (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي خط لکيو، جنهن ۾ چيو ويو ته جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انتظامي غلطي نه هئي، نه ئي حادثاتي، پر آئيني عهدي ۽ بين الصوبائي عزت کي خراب ڪيو ويو. پنهنجي خط ۾ سهيل آفريدي چيو ته مون سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڪنهن به طرح سان عوامي نمائندي جي لائق نه هو، اهو غفلت نه پر ڄاڻي واڻي ڪيو ويو. سهيل آفريدي چيو ته مارڪيٽون ۽ عوامي جڳهيون بند هيون، موٽر وي ريسٽ ايريا به بند هو، سوشل ميڊيا تي منهنجي خلاف مهم شروع ڪئي وئي. اهو سڀ ڪجهه منشيات جي اسمگلنگ سان ڳنڍيو ويو ۽ اهو پنجاب حڪومت جي نگراني ۾ ٿيو. اهڙي رويي ۽ انداز سان منهنجي شخصيت کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن کي ڪنهن به طرح نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. سهيل آفريدي پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو ته انتظامي طور اهڙا طريقا استعمال ڪيا ويا جن جو مقصد توهين ڪرڻ هو، اهڙن طريقن ۽ انداز تي سخت احتجاج ڪريان ٿو.. ٻئي پاسي پشاور ۾ صوبائي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته پنجاب حڪومت جو رويو غير جمهوري ۽ مذمت جوڳو آهي، صوبائي حڪومت ڪابينا ميمبرن کي تشدد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته پنجاب حڪومت اخلاقي ۽ ذهني زولا جو شڪار آهي.