ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پريس ڪانفرنس دوران باني ايم ڪيو ايم الطاف حسين تي هڪ ڀيرو ٻيهر سنگين الزامات لڳايا. مصطفیٰ ڪمال سڌو الزام لڳايو ته ڊاڪٽر عمران فاروق جو قتل باني ايم ڪيو ايم الطاف حسين جي حڪم تي ڪيو ويو. مصطفيٰٰ ڪمال جو چوڻ هو ته الطاف حسين لاش تي سياست ڪئي ۽ ڊاڪٽر عمران فاروق جي بيواه، شمائلا فاروق جي مڙهه پاڪستان آڻڻ جي نالي تي لندن ۾ چندو گڏ ڪيو ويو، جيڪو افسوسناڪ آهي. پريس ڪانفرنس دوران مصطفيٰٰ ڪمال الطاف حسين لاءِ سخت لفظ استعمال ڪيا. تجزئي نگار ارمان صابر جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي هن معاملي تي پنهنجو موقف ظاهر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ فاروق ستار سميت ٻين اهم اڳواڻن کي به بيان ڏيڻ گهرجي، نه ته پارٽي ۾ اختلاف ظاهر ٿين ٿا. سينيئر صحافي محمد فاروق سميع مطابق، ايم ڪيو ايم اندر اختلافات کلي طور سامهون اچي رهيا آهن. پي ايس پي جو ايم ڪيو ايم ۾ ضم ٿيڻ باوجود پارٽي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ گروپ رکندي آهي، ۽ اندروني اختلافن سبب انٽرا پارٽي چونڊون به ناهن ٿي سگهيون. ذريعن موجب، الطاف حسين ۽ مصطفيٰ ڪمال وچ ۾ الزامات جو تسلسل جاري آهي، جنهن سبب ايم ڪيو ايم جماعت طور مداخلت نٿي ڪري. الطاف حسين کان علاحدگي جي باوجود خالد مقبول صديقي، فاروق ستار ۽ ٻين اڳواڻن سخت ٻولي استعمال ناهي ڪئي. ڊاڪٽر فاروق ستار، خواجا اظهار ۽ حيدر عباس رضوي سميت ٻين اڳواڻن اڳ بيان ۾ چيو هو ته جڏهن الطاف حسين معافي وٺي چڪو آهي ته کيس معاف به ڪري سگهجي ٿو.