لاهور (بيورو) اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ملڪ محمد احمد خان اعلان ڪيو آهي ته ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي اسيمبلي آمد دوران پيش آيل هنگامي صورتحال بابت تيار ڪيل انڪوائري رپورٽ قانون لاڳو ڪندڙ ۽ سيڪيورٽي ادارن ڏانهن موڪلي پئي وڃي، جيئن واقعي جي آزادانه جاچ ٿي سگهي، ڪي پي جي وڏي وزير جي ٽن ڏينهن واري دوري دوران پنجاب اسيمبلي ۾ خطاب ڪيو ويو، پر ان موقعي تي ساڻس گڏ آيل ماڻهن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ صحافين وچ ۾ به سخت جملن جي ڏي وٺ ڏٺي وئي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته پنجاب اسيمبلي ريڊ زون آهي، جتي سخت سيڪيورٽي انتظام لاڳو آهن، اسيمبلي ۾ داخلا لاءِ خاص اجازت نامو يا گهٽ ۾ گهٽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر جي تصديق لازمي آهي، ڪي پي جي وڏي وزير کي اهي شرط اڳواٽ ٻڌايا ويا هئا، اسپيڪر موجب وزيراعليٰ سان گڏ ايندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي فهرست مهيا ڪئي وئي هئي، جن کي سهولتون ڏنيون ويون، پر طئي ٿيل پروٽوڪول تي عمل نه ڪيو ويو، اسيمبلي اندر غير سڃاڻپ وارا ماڻهو آندا ويا.