ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ مذهبي جذبا مجروح ڪرڻ جي الزام هيٺ داخل ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيشن ڪورٽ ۾ يوٽيوبَر رجب بٽ تي وڪيلن طرفان حملو ڪيو ويو، جنهن سبب عدالت جو ماحول بدانتظامي جو شڪار ٿي ويو، رجب بٽ 20 ڊسمبر تي ملندڙ عبوري ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ بعد سيشن ڪورٽ سينٽرل ۾ پيش ٿيو هو، ٻڌڻي دوران اوچتو هنگامو ٿيو ۽ مٿس حملو ڪيو ويو، يوٽيوبر رجب پٽا جا ڪپڙا ڦاڙيا ويا، رجب بٽ جي وڪيل ميان علي اشفاق سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي بيان ۾ الزام لڳايو ته ڪراچي سٽي ڪورٽ جي اڱڻ ۾ ڪجهه وڪيلن منهنجي موجودگي ۾ منهنجي موئڪل تي حملو ڪيو، جنهن سبب رجب بٽ زخمي ٿي پيو آهي، بار بار روڪڻ جي باوجود تشدد جاري رکيو ويو، جيڪو وڪيلن لاءِ غير پيشاورانه رويو آهي، ميان علي اشفاق موجب قانونکي پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ سان ملڪ ۾ وڪيلن جي ساک کي نقصان پهچي رهيو آهي، جيڪڏهن وڪيل روزانو عدالتن ۾ فريادي بڻجي شهرين تي حملا ڪندا رهيا ته سندن احترام سخت متاثر ٿيندو، هن اهڙي رويي کي افسوسناڪ قرار ڏنو، جنهن جي ڪنهن مهذب سماج ۾ گنجائش ناهي، واقعي کان پوءِ سامهون آيل هڪ وڊيو ۾ رجب بٽ کي ڦاٽل قميض ۾ هجوم وچان هلندي ڏٺو ويو، رجب بٽ مٿان مذهبي جذبا مجروح ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، جنهن جو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي، ٻئي پاسي صوبائي گهرو وزير ضياء لنجار عدالت اندر يوٽيوبر رجب بٽ تي حملي جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته رجب بٽ تي تشدد معاملي بابت چيف جسٽس سان ڳالهايو آهي، عدالت ۾ جيڪو ٿيو اهو وڪيل جو ڪم ناهي، اُتي ڪورٽ پوليس موجود هئي، يوٽيوبر تي حملي تي افسوس ٿيو آهي.