”توهان به آئيني عهدن جي عزت خراب ڪئي“، خواجا آصف جو سهيل آفريدي کي جواب

اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا محمد آصف خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي گڏجي مذمت ۽ ازالوڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ خواجا آصف چيو ته سهيل آفريدي جي قيادت هيٺ اسلام آباد تي وري وري حملا ٿين ٿا. هن چيو ته اوهان جي پارٽي جي قيادت سميت اوهان پاڻ به پاڪستان جي وحدت خلاف رويو اختيار ڪري رهيا آهيو. خواجا آصف جو چوڻ هو ته پارٽي جا ورڪر قيادت جي سرپرستي هيٺ سوشل ميڊيا تي انتهائي غيراخلاقي ۽ گندي ٻولي استعمال ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي رويي سبب آئيني عهدن ۽ صوبن جي وچ ۾ احترام کي نقصان پهچي رهيو آهي. وزير دفاع سهيل آفريدي کي دعوت ڏني ته اچو ته گڏجي اهڙن عملن جي مذمت ڪريون ۽ انهن جو تدارڪ ڪريون ته جيئن قومي هم آهنگي ۽ احترام بحال رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.