پشاور(م ڊ)پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي بيان تي ردعمل ڏيندي خيبر پختونخوا جي اطلاعات بابت معاونِ خصوصي شفيع جان چيو آهي ته اسپيڪر پنجاب اسيمبلي کي ن ليگ جو ذيلي دفتر بڻائي ڇڏيو آهي۔شفيع جان چيو ته پنجاب اسيمبلي کي “ماسي جو گهر” سڏيندڙ پاڻ ئي آئين، جمهوريت ۽ مهمانن جو احترام وساري ويٺو آهي۔ چونڊيل وزيراعليٰ جي دوري کي”ٽپا” قرار ڏيڻ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي سياسي گهٻراهٽ ظاهر ڪري ٿو۔شفيع جان چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ ڪي پي جي چونڊيل وزيراعليٰ ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڌڪا ڏيڻ جي اجازت ڪهڙو آئين ڏئي ٿو؟ پنجاب حڪومت سيڪيورٽي جي نالي ۾ پنهنجو سياسي خوف لڪائي رهي آهي۔هن خبردار ڪيو ته ن ليگ ياد رکي، هي اسٽريٽ موومينٽ جي شروعات هئي۔ پنجاب حڪومت چونڊيل وزيراعليٰ سان جيڪا “مهمان نوازي” ڪئي، اها سڄي دنيا ڏٺي هر هنڌ رڪاوٽون لڳايون ويون ۽ ڪارڪنن کي هراسان ڪيو ويو۔