ڪراچي/اوٽاوا(حنيف دوامي)سنڌ جي سياسي وڏيرن ۽ هڪ صوبائي وزير تي عراق ۾ اربين رپين جي ملڪيت خريد ڪرڻ جا الزام ادارن طرفان هڪ انتهائي حيران ڪندڙ ۽ ڳڻتي جوڳي رپورٽ سامهون آئي آهي، جنهن موجب سنڌ جي ڪجهه سياسي وڏيرن تي عراق ۾ اربين رپين ماليت جون ملڪيتون خريد ڪرڻ جا سنگين الزام لڳايا ويا آهن۔انهن ملڪيتن ۾ ٻه تمام عاليشان هوٽل، هڪ وڏو شاپنگ سينٽر ۽ لڳ ڀڳ ٻارهن قيمتي ملڪيتون شامل آهن، جن ۾ وڏيون عمارتون پڻ شامل آهن۔رپورٽن موجب، هن معاملي ۾ سنڌ جو هڪ انتهائي طاقتور صوبائي وزير به شامل آهي، چيو وڃي ٿو ته هن وزير گذريل ڪجهه سالن دوران ڪيترائي سرڪاري ۽ غير سرڪاري دورا عراق جا ڪيا آهن۔،ان وزير کي هاڻي عراق ۾ هڪ بزنس ٽائيڪون طور ڏٺو پيو وڃي۔ذريعن موجب، سنڌ مان اربين رپين جي رقم، هُنڊي ۽ مني لانڊرنگ ذريعي عراق منتقل ڪئي وئي۔ذريعن موجب هن معاملي ۾ باضابطه جاچشروع ڪئي وئي آهي ته اربين رپيا عراق ڪيئن منتقل ڪيا ويا؟انهن پيسن جي مني ٽريل ڪٿي آهي؟ڪهڙي قانون تحت پاڪستاني سياستدانن عراق ۾ ملڪيتون خريد ڪيون؟هن اسڪينڊل ۾ سکر سان تعلق رکندڙ ڪجهه سياسي وڏيرن ۽ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ وزير جا نالا جاچ هيٺ اچڻ جا اطلاع آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جون ڪيتريون ئي شخصيتون عراق ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪري چڪيون آهنڪڏهن زيارتن جي نالي تي ڪڏهن سرڪاري دورن جي آڙ ۾عراق جا سفر ڪندا رهيا آهن۔ ذريعن ٻڌايو ته هڪ اهم ترين شخصيت تازو عراق جي دوري تي وئي هئي وفد ۾ شامل ڪجهه ماڻهن هنن ملڪيتن ڏانهن سندس ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.