بلاول جي شهيدن جي مزار تي حاضري، پنڌ قافلي وارن سان ملاقات

نئون ديرو(رپورٽ:محمد علي جروار) شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي پنهنجي شهيد والده شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مادرجمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪري دعا گهري بلاول ڀٽو زرداري راجن پور ۽ سانگهڙ ضلعن مان سائيڪلن تي ۽ سيوهڻ درگاھ لعل شهباز قلندر کان ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي مزار تائين پيادل سفر طئي ڪري شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ  لاءِ پهتل جيالن ورڪرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن شهيدن سان عقيدت جو اظهار ڪندڙ پارٽي جي جيالن ورڪرن جي جذبن کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.