ننڍڙي وهيءَ ۾ گهر جي ڀتين تي ھڪڙي شخص جون تصويرون لڳل ڏٺم، پر مون ڪڏھن به کيس پنهنجي ڀرپاسي محسوس نه ڪيو، مٽن مائٽن ۾ به جڏھن اھڙي صورت وارو شخص نظر ڪونه آيو ته حيرت ويتر وڌي ويئي ته آخر تصويرن ۾سمنڊ جي ڪناري تي، لٺ جي سهاري تي، جيڪو ڪراڙو بيٺو آ اِھو ڪير آھي؟ گهڻو پوءِ خبر پئي ته هي ان شخص جون تصويرون آهن، جنهن کي سنڌ جو آواز سڏيو ويو، جنهن کي اسان اڄ شيخ اياز جي نالي سان ڄاڻون ٿا۔
ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر جنميا، تن ۾ شيخ اياز جو نالو سڀني کان مٿانهون نظر اچي ٿو، شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ هي ڪوي ورهاڱي کان اڳ ئي جديد سنڌ شاعري جو اهم حوالو بڻجي ويو هو، سندس نظم او باغي هو راج دروهي ڀارت ۾ بلوي جا باني يا ڳاءِ انقلاب ڳاءِ هر انقلابي ۽ ترقي پسند کي ياد هوندا هئا۔ هو اهڙو شاعر هو، جو جنهن، جنهن کيس پڙھيو، تن محبت ڪرڻ سکي، ويڙهه ڪرڻ چاھي، بغاوتون ڪيون، قيد ۽ بند ڏٺا ۽ ڌرتيءَ مٿان پاڻ واري ڇڏيائون۔۔۔ مان به ستين ڪلاس ۾ ھوس جڏهن بابا جي ڪتابن جي ذخيري مان ھن جا ڪتاب کڻي پڙھيا ھيم۔
جيتوڻيڪ تنهن وقت اھا خبر به نه ھئي ته شاعري ڇا ٿيندي آھي، پر تنهن هوندي به ھن ڪويءَ جي ٻولن جي جادوءَ ۾ جڙجي ويس، اھڙا ٻول جيڪي خواب ڏيکاريندا هئا، ڏوهن لاءِ اتساهيندا هئا۔ ڏوهه ئي ڇو؟ ڇو ته جتي پاڻ رھون ٿا، اتي ڌرتي سان محبت ڏوهه ئي ته آھي انڪري ئي ھن لکيو ھو :
هي ڏُوهه نه آڪاس ڇَڏَي، ،
مون پريت لڳائي ڌَرتيءَ سان؟
يا
هَاڻِ تَه هِن ڌَرتيءَ تي سڀَ کان،
خُوابَ وَڏا ڏوهاري آهن،
آزاديءَ جَا خُوابَ اُنهن تَي،
بَندَ اڳي کان ڀَاري آهن۔
ايئن ھوريان ھوريان ھن جي ڪتابن سان لنئون لڳائي ۽ پوءِ ڪيئي گيت، غزل ۽ نظم ذهن جي ميموريءَ ۾ هميشه هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويا مثال طور :
مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي
تون مون تي زنجير وجهين
سنڌ ديس جي ڌرتي،
توتي پنهنجو سيس نمايان
مٽي ماٿي لايان۔
ھن ديس سڄي کي سائي آ،
سرديءَ ۾ سنگينون آھن،
ورديءَ وارا بوٽ اچن ٿا۔
بي موت مئا تو لاءِ ڪُٺا،
انسان ھزارين مان نه رڳو۔
سنڌو ديس مهان،
قدم قدم تي ھجون رندان،
سکي پيا کي ملين ته چئجانءِ
چاندني تو سوا نه ٿيندي۔
۽ ٻي خبر ناهه پر مرڻ کانپوءِ
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون۔۔۔
جهڙا شعر زباني ياد هوندا هئا/ آهن۔
ان کانپوءِ ھن جو نالي سان واڳيل جيڪو ڪجهه به پڙھڻ لاءِ مليو، اِھو پڙھيم، هن کي پڙهڻ کان پوءِ مون ڀانيو ته هن سئو سيڪڙو صحيح چئي ويو ھو ته :
مون سنڌُ ڏٺي، ھِندُ ڏٺي، سچ چوڻ لاءِ،
ھڪ شيخ اياز آهه، ڄڻيو ٻيو نه ڪٿي ماءُ۔
شيخ اياز جي شاعريءَ جي تاريخ جي سموري اُٿل پُٿل تي گهري نِگاهه رهي آهي، ڇو ته شاعريءَ هن جي سڀ کان پياري محبوبه ھئي، شاعريءَ کيس ننڍي عمر ۾ ئي ڳولي ورتو هو، يارنهن ورهين جي ڄمار ۾ شڪارپور مان نڪرندر سدرشن رسالي ۾ هن جو پهريون شعر ” مرد خدا “ جي عنوان سان ڇپيو هو۔
ھن جي شاعري ۽ نثر ۾ ننڍو کنڊ، دنيا ۽ اسان جي ديس ۾ جيڪو ٿيو آهي”دلين جو جُدايون، محبتن ۽ رفاقتن جاورهاڱا، خونخريزيون، زالن جا ڪپيل ٿڻ ۽ ڪوڙيل مٿا، ابهمن جا سنگينن تي اڌو اڌ بدن، ريل گاڏين تي حملا، سرحد تي ننگا، بکايل، لُٽيل قافلا، فوجي تاني شاهيون، ڪتابن تي بندشون، نظربنديون، قيد، سياسي قتل، مذهب جي آڙ ۾ هر آزاديءَ جي گهُٽ ٻوساٽ، ڌرتيءَ جي دلالن جي چهري تي سرخوشي، افسر شاهيءَ جي ڦرلٽ، لوٽ کسوٽ ۔۔۔“ اھو سڀ بيباڪي سان موجود آھي۔
آءٌ به جڏهن اياز کي پڙھندو آهيان ته تڏهن پنهنجي وجود کي ان بزم سخن ۾ حاضر ڀائيندو آهيان، جتي دنيا جا عظيم مفڪر دانشور ۽ فلفسي پنهنجي دانائي ۽ ڏاهپ جي آبشار وھائندي نظر ايندا اٿم۔ سموري دنيا جو ادب هن جي مٺ ۾ ھو، سندس مطالعو ايڏو ته وسيع ھو جو دنيا ۾ اڀرندڙ ھر تحريڪ تي نظر ھوندي ھئس، هن دل ۾ مظلوم قومون جو درد پلجندو رھيو، ھو ون يونٽ جي دور ۾ روح رھاڻ جي ادبي ويهڪن، سنڌي ادبي سنگت جي ميڙاڪن ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي جلسن جي سڃاڻپ ۽ سنڌ جو آواز بڻيو، سندس شاعري ۾ اھڙو ٻَل هو/آھي جا وقت جي ھر ڏاڍ ۽ جبر کي للڪاريندي رھي۔
اياز جي شاعريءَ نوجوان نسل تي گهرو اثر ڇڏيو، خاص ڪري اڄ جي نسل جي ذھني واڌ ويجهه ۾ اياز جي شاعريءَ جو اھم ڪردار رھيو آھي، هن پاڻ به سنڌ جي نئين نسل کي ” ڳاڙهن ٻيرن“ ۽ ” ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا“ طور ساراهيو آهي۔
شيخ اياز اھڙي صنفن ۾ پڻ لکيو، جيڪي عام ھئڻ باوجود ڀٽائي کانپوءِ ايندڙ شاعرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهيون، هڪ لحاظ کان هن اهڙين صنفن کي ٻيهر سنواري جيئاري ڇڏيو، جنهن ۾ ڇيڄ، ڇلڙا، لوليون، لوڪ گيت وغيره اچي وڃن ٿيون، سندس ھڪ مشهور ڇيڄ ”اڙي چنڊ اڙي چنڊ پرين تو ته ڏٺو ناھي“ کي سرمد سنڌيءَ پنهنجو آواز ۾ ڳائي سدائين لاءِ امر بڻائي ڇڏيو۔ پراياز اول آخر ڌرتيءَ جو شاعر آھي ۽ مٽي ئي سندس شاعري جو محور رھي۔
سندس هنن سٽن جيان:
مٽي اول، ۔مٽي آخر
مٽي زنده باد۔۔۔!
يا
سهندو ڪير ڪري ميار او يار،
سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار۔
هو ” ھمرچي جو ويلو ڙي“ جهڙا لوڪ گيت سرجيندڙ ڪوي، جنهن جيون جي هڻ هڻان ۾ رڌل، ڏکن ڏاکڙن ۽ تکي اُس سڙندڙ عوامي ڪردارن کي پنهنجي شاعراڻي تخليق جو موضوع بڻايو، ھن پنهنجي شاعريءَ ۾ عوامي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي ۽ لکيو:
”جنهن وقت لُڪن ۾ لوساٽيل،
انسانَ ڳلين مان نڪرن ٿا،
جنهن وقت دُکن ۾ دونهاٽيل،
مزدور ملن مان نڪرن ٿا،
مان پنهنجي تند تپايان ٿو،
۽ درد دلين مان نڪرن ٿا۔۔“
اياز شاعري جيان نثر ۾ ڪمال ڪريو ڇڏيو آھي، جنهن بابت برک تاريخدان، شاعر سائين يوسف شاھين لکي ٿو ”ھو(اياز) نثر به تمام سٺو لکندو آھي نثر ۾ سڀ کان وڌيڪ طريقو پرسائز وي آف رائيٽنگ وارو اٿس، جيڪو ھن ايڊاپٽ ڪيو آھي ۽ وڏي مهارت سان ھن انهيءَ ۾ فن جو مظاهرو ڪيو آھي۔“ اياز جيڪو لکڻ چاھيو، سو لکيائين، ان جي بدلي ڪتابن تي بندشون، جيل، سختيون شهر بدريون جيڪو کيس سهڻو پيو سٺائين، پر هن پنهنجي آدرشن، اصولن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي۔
فوجي آمريت خلاف نفرت جو اظهار اياز جيتري شدت سان ڪيو ان جو مثال ورلي ملندو، وقت جي طاقتور آمر جنرل ايوب جي فوجي حڪومت ڀٽائي جي رسالي جو اردو ترجمي تي کيس انعام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، انعام ڏيڻ وقت ايوب خان کائنس پڇيو ” تون ڪٿان جو رھڻ وارو آھين؟ “ جنهن تي اياز کيس ٻڌايو ته ” سنڌ جو۔“ ايوب خان ٻهير کانئس ساڳيو سوال ڪيو ته اياز وراڻيو سنڌ جو آخر ٽيون دفعو ھن ڪاوڙ ۾ اياز کان پڇيو ته تون ڪٿان جو رھاڪو آھين اياز وري ساڳيون جواب ڏنس ” مان سنڌ جو رهواسي آھيان۔“ اصل ۾ ان ئي فوجي آمر ون يونٽ مڙهي هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌ جي نالي کي ختم ڪري ڇڏيو ھو ۽ تنهن وقت سنڌ لفظ لکڻ به ڏوھه ھوندو ھو پر اياز لاءِ ته دنيا سارو ديس ھئڻ باوجود جندڙي سنڌڙي سان ئي جڙيل رھي سو اُھو ڪيئن اھڙي ڪاري قانون جي پاسداري ڪري پئي سگهيو؟
شيخ اياز سان شخصي توڻي نظرياتي اختلاف رکي سگهجي ٿو، ڇو ته ھو به انسان ھو، سو ذات ۽ ڏات ٻه الڳ مامرا آھن، پر هن پنهنجي شعور، سچائي ۽ سگهه سان جيڪا شاعري ۽ نثر سرجيو تنهن کي پٺي ڏيڻ ڪنهن به باشعور قوم کي نٿو جڳائي، پر جي اسان کيس پٺي ڏيئي به ڇڏي ته تڏهن به هن جو ڪجهه بگڙڻ وارو ناهي ڇو ته هو چئي ويو آهي۔
”تون جي مون کي ڪونه مڃيندي،
مون کي ڪا پرواهه نه آهي،
آئون سڀاڻي لاءِ لکان ٿو،
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي۔“
ھن بيماريءَ جي بستري تي به راتين جون راتيون جاڳي سنڌي ادب، شاعري جي باغ ۾ اھڙا گل ٽڙايا آھن جن ڪيئي نسلن کي پنهنجي خوشبوءِ ۾ واسي ڇڏيو آھي۔ اياز جنهن شروعاتي دؤر ۾ رومانوي شاعري ڪئي، جواني ۾ هن انقلاب، بغاوت جا گيت سرجيا، مئچورٽي ۾ هن ڪپر ٿو ڪن ڪري، پتڻ ٿو پور ڪري، ٽڪرا ٽٽل صليب جا، هنيئڙو ڏاڙهون گُل جيئن، واٽون ڦلن ڇائنيون، اڪن نيرا ڦليا، جهڙ نيڻان نه لهي جهڙا شاهڪار تخليق ڪيا۔
اياز جي سوچ مختلف وقتن تي ڦيرو کاڌو، پر ان باوجود هُن جي سنڌ سان محبت ماٺي نه ٿي ۽ ھن لکيو:
” جوت ٻَرندي رهي
رات ٽَرندي رهي۔۔۔
باکَ جي ساکَ مان اڄ ڏَئي ٿو وڃان!
اڄ چئي ٿو وڃان
”سِجُّ لالاڻ سان
”مَڌُّ ريٽي جيان
”نيٺ سنڌوءَ مٿان
”اُڀرندو ساٿيو! “
اياز جي شاعري اسان کي باشعور بڻائي ٿي، اسان کي سجاڳ ڪري ٿي۔ ھا، شايد ايازکي سمجهڻ لاءِ اسان کي ٻيو جنم کپي، جنهن ۾ اياز ۽ اسين گڏ پيدا ٿيل ھجون۔۔۔ اياز جي شاعري مئل، ٿڪل، ٽٽل روحن کي نئين سر جيئاري ٿي، لطيف جي رسالي سان گڏوگڏ اياز جي شاعريءَ جا ڪتاب سنڌ جو مينيفيسٽو آهن۔ ھا، اياز جي شاعري اسان جي احساسن ۽ ڪيفيتن جي ترجماني ڪري ٿي۔ اياز جو پنهنجي لکڻين ۾ دنيا ٿو گهمائي ٿو۔ اُھو اياز جنهن پنهنجي پوري دور کي متاثر ڪيو، ھن کان پوءِ سنڌي ادب ۾ اھڙو ڪوبه قلمڪار نه ٿيو آھي، جنهن ايترو تيزيءَ سان ۽ بي باقي سان لکيو ھجي۔
شيخ اياز ڌرتيءَ جو عظيم ڪوي ۽ امر ڪردار آھي، جنهن ديس لاءِ ترانو لکيو، اسان کي اِنهيءَ ڳالهه تي فخر ھئڻ گهرجي ٿا ته اسان وٽ اياز آھي۔ ھا، اياز سنڌ جي آجپي ۽ انقلاب جو سونهون آهي، جيڪو کيس پڙهي ٿو، اُهو انقلاب ڏان وکون وڌائي ٿو۔ اياز جي شاعري ۾ سنڌ جو روح سمايل آھي، ھن جي شاعري بند پيل ذھنن جا تاڪ کولي ٿي وجهي ۽ انقلاب جي رستي تي مشعل راهه بڻجي ٿي۔
شيخ اياز جنهن سنڌي ادب کي پنجاهه کان وڌيڪ شعر ۽ نثر جا ڪتاب ڏنا، اسان جو ھي مهان ڪوي، جنهن دل جي بيماريءَ سان جهيڙيندي آخري دم تائين لکيو، آڪاس کان وڏو ڌرتي جو ھي عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو، کيس ڀٽائي جي نگري ۾ ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ۽ ھو مٽيءَ منجهه سمائجي مٽي بڻجي ويو.