سھڻي سوچ جو، سھڻو کڙڪو …

تبصرو: روشن شيخ

اعجاز منگيءَ جڏھن سپاھين تي ھڪڙو ڪالم لکيو ھو ته، ڪيترائي سپاھي، ان ڪالم جي معرفت، پنھنجي اعليٰ آفيسرن جي سامھون ٿي بيٺا ته اسانکي، اسانجا فلاڻا فلاڻا حق ڏنا وڃن. اھڙي طرح ڊاڪٽر عنايت مگسي جڏھن نفسياتي موضوعن تي ڪالم لکندو ھو ته، اھي ڪالم وري وري پڙھڻ ۽ سمجهڻ لاءِ دل چوندي ھئي. امرجليل، عبدالواحد آريسر، عبدالقادر جوڻيجي، حليم بروھيءَ، شوڪت حسين شوري، انور پيرزادي،  نصير مرزا، محمود مغل، انعام شيخ، جامي چانڊئي، نصير ميمڻ، حسن مجتبيٰ، حسن درس، اعجاز منگي، مظھرلغاريءَ، عزيز سولنگي (اثر) انور ابڙي، نثار کوکر، امرسنڌو، امراقبال، حبيب ساجد، امتياز ابڙي، منوج ڪمار، نسيم بخاري، سڪندر عباسي، اشفاق آذر، محمد علي پٺاڻ، ارشاد لغاريءَ، امداد سومري (جپسيءَ)، ڊاڪٽر اعجاز سمي، دريا خان شنباڻيءَ ۽ ٻين ڪالم نگارن جا ڪالم سھڻي سوچ جو حصو رھيا آھن.

”سوچ  به کڙڪو آھي“ جي مستقل عنوان سان، ھر ڇنڇر تي، امر پيرزادي جڏھن ھفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيا ته، مونکي خوشي ان ڳالهه جي  به ٿي ته، امر وٽ ڪالمن جا موضوع توڙي ٽريٽمينٽ ھر دفعي الڳ ھوندي ھئي. ساڳئي ڏينھن تي منھنجو ڪالم ”ڳالهين جو ڳوٺ“ به شايع ٿيندو ھو. پر مان پھريان امر جي ڪالم جو سير ڪندو ھوس، پوءِ پنھنجي ۽ ٻين ڪالمن کي نظرن مان ڪڍندو ھيس.

ڀلي ڳالهه اھا  به آھي ته امر پيرزادي انھن ڪالمن کي جڏھن ڪتابي صورت ۾ آندو ته، ڪتاب جو نالو  به، مستقل عنوان وارو رکيائين. ان نالي بابت ڪٿي لکيو ھئائين ته، ”اھا سٽ منهنجي بابا سائين انور پيرزادي جي آھي.“

ڪتاب ۾ چاليھن کان مٿي ڪالم ڏنل آھن. ھر موضوع تي، امر پيرزادي باريڪ بينيءَ سان لکيو آھي. ھي ڪالم پڙھندي ڪٿي  به اوھانکي ائين محسوس نه ٿيندو ته، ڪي ڪالم ھر ھفتي جي گهرج مطابق تڙ تڪڙ ۾ لکيل آھن. ”جوانيءَ ۾ جوکم کڻڻ،حياتيءَ جو رومانس“، ”جمال ابڙي جا سئو سال“، ”ادب سڀني جي ضرورت آھي“، ”ڀٽائي، حقيقي انساني قدرن جو شاعر“، ”شيخ اياز جي ھائيڪي ۾ فڪري گھرائي“ ۽ ٻيا ڪالم پڙھڻ دوران ڪيترن ئي ڪالمن ۾ امر جو شاعراڻو روپ نظر آيو. امر پيرزادو بنيادي طور شاعر آھي، ۽ ھڪ شاعر جا ڪالم ان ڪري  به وڻندڙ ھوندا آھن، جو انھن ۾ درد کي محسوس ڪرڻ واري دل جو وڏو ڪردار ھوندو آھي.

ڪتاب ”سوچ  به کڙڪو آھي“ جو مھاڳ مشھور ليکڪه ۽ آواز جي دنيا جي وڏي نالي مھتاب اڪبر راشديءَ لکيو آھي. جڏھن ته ڪئلاش ۽ علي زاھد جا رايا پڻ ڪتاب ۾ شامل آھن. مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران شايع ٿيل ھي ڪتاب سڄي سنڌ ۾ آسانيءَ سان ملي سگهي ٿو.

عام طور تي اسان وٽ اھا فتويٰ  به جاري ڪئي ويندي آھي ته، ڪالم جي عمر ان ڏينھن تائين محدود ھوندي آھي، جنھن ڏينھن اھو ڇپجي ٿو، پر جڏھن امر پيرزادي جو ھي ڪتاب پڙھڻ لاءِ ملي ٿو، ته ان تڪڙ ۽ بغض سان ڀريل راءِ کي اوھان رد ڪري سگهو ٿا. ڪيترين ئي جاين تي اھو پڻ بحث ٿيو آھي ته ڪالمَ تخليقي ادب جو حصو ناھن. بھرحال ڪيترن ئي ڳنڀير سوالن جا جواب، اوھان کي ڪالمن جو ھي ڪتاب پڙھڻ دوران ملي ويندا، ۽ اوھانجي سوچ کڙڪي ۾ ڪنورٽ ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.