عالمي رسالي ڪيرولائنا پوليٽيڪل ريويو ۾ چيو ويو آهي ته 2025ع ۾ پاڪستان عالمي سياست ۾ ٻيهر اهم مقام ماڻي ورتو، مهيني ۾ پاڪ–ڀارت ڇڪتاڻ پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۽ ساک کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.
عالمي رسالي موجب پاڪستان اثرائتي سفارتڪاري وسيلي واشنگٽن جو اعتماد ٻيهر بحال ڪري لاڳاپن کي نئون رخ ڏنو، آمريڪا ڏکڻ ايشيا، نار ۽ وچ ايشيا تائين پهچ لاءِ پاڪستان کي اهم پل قرار ڏنو، آمريڪا پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت کي مرڪزي حيثيت ڏني، جڏهن ته پاڪستاني بندرگاهون، خاص طور بلوچستان ۾ گوادر تمام وڏو اثاثو آهي.
عالمي رسالي۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان سي پيڪ سان گڏ گهڻ رُخو توازن برقرار رکندي نوان معاشي رستا کوليا، نومبر ۾ ٽرمپ انتظاميا پنهنجي قومي سلامتي جي حڪمت عملي جاري ڪئي، جنهن موجب پاڪستان قومي سلامتي جا مفاد حاصل ڪرڻ ۾ آمريڪا جو اهم ساٿي هوندو.
عالمي رسالي موجب آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ تازي تبديلي سڄي دنيا جي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻي، ڀارت–پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ آمريڪا کي ڊي ايسڪليشن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پيو، صدر ٽرمپ جو ڪشمير تي بيان پاڪستان جي سفارتي پوزيشن ۽ موقف جي تائيد آهي.
عالمي رسالي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان سفارتي محاذ تي نفسياتي سرسي حاصل ڪئي، جڏهن ته ڀارت پوئتي رهجي ويو، پاڪستان ۽ آمريڪا ڪيترائي معاهدا ڪيا.
پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۽ ساک کي مضبوط ڪيو: عالمي رسالي جو اعتراف
Prev Post
You might also like