اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ) گذريل عام چونڊن کان پوءِ چونڊجڻ باوجود نواز شريف چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم نه بڻجي سگهيو،ن ليگ جي طرفان چيو ويو هو ته پارٽي کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي وڃي ها ته نواز شريف وزيراعظم بڻجي وڃي ها، هو جماعت جو “قائد” رهيو ۽ هاڻي صدر پڻ آهي ۽ ساڳئي وقت پارليامينٽ جو حصو آهي، پر سياسي منظرنامي تي گهڻو سرگرم نظر نٿو اچي ٻئي پاسي نواز شريف جا ڪجهه اڳوڻا سياسي ساٿي سمجهن ٿا ته “نواز شريف جو هن سال ۽ گذريل ڪجهه مهينن دوران قومي سياست ۾ ڪردار اهڙو نظر اچي ٿو ڄڻ هو آهستي آهستي سياسي طور غير لاڳاپيل ٿيندو پيو وڃي،هي تاثر حقيقت جي ڪيترو ويجهو يا پري آهي، ان بابت بي بي سي نواز شريف جي اڳوڻن ۽ موجوده سياسي ساٿين ۽ تجزيه نگارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي نواز شريف گهڻو ڪري لاهور تائين محدود آهي ۽ اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ به باقاعدگي سان نظر نٿو اچي،نواز شريف جو اڳوڻو ويجهو ساٿي، اڳوڻو سينيٽر آصف ڪرماني، جيڪو هاڻي جماعت ڇڏي چڪو آهي، بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته “منهنجي خيال ۾ نواز شريف صاحب پاڻ کي غير لاڳاپيل ڪري ڇڏيو آهي.”آصف ڪرماني موجب، لنڊن ۾ ڊگهي رهائش سبب نواز شريف جو رابطو پارٽي ڪارڪنن ۽ حلقن سان ٽٽي ويو، جنهن سبب سندن سياسي اهميت گهٽجڻ لڳي۔ ان کان سواءِ پي ڊي ايم حڪومت ۾ شامل ٿيڻ ۽ ان جي ڪمزور ڪارڪردگي جو بار به نواز شريف تي پيو، جنهن جو نتيجو 8 فيبروري 2024 جي چونڊن ۾ نظر آيو،اڳوڻو گورنر پنجاب ۽ سينيٽر سردار ذوالفقار کوسي جو خيال آهي ته هاڻي پاليسيون شهباز شريف ٺاهي رهيو آهي، نواز شريف جو ڪردار رسمي رهجي ويو آهي.”صحافي ۽ تجزيه نگار ماجد نظامي جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي حيثيت هاڻي گهريلو بزرگ جهڙي آهي، تنظيم ۾ اثر ته آهي، پر رياستي معاملن ۾ عمل دخل ناهي۔ سندس خيال ۾ موجوده هائبرڊ سسٽم ۾ اسٽيبلشمينٽ شهباز شريف سان وڌيڪ مطمئن آهي، انڪري نواز شريف کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت محسوس نٿي ڪئي وڃي۔ٻئي پاسي مسلم ليگ ن جي نائب صدر پرويز رشيد ان تاثر کي رد ڪندي چيو ته مسلم ليگ ن جو حتمي ليڊر اڄ به نواز شريف ئي آهي، هن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعليٰ مريم نواز اهم فيصلن ۾ نواز شريف کان صلاح مشورو وٺن ٿا۔پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته معاشي سڌارا، جهڙوڪ پي آءِ اي جي نجڪاري، نواز شريف جي پاليسي مطابق ڪيا ويا آهن۔هن سوال تي ته ڇا نواز شريف ٻيهر وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، پرويز رشيد چيو ته اڃا حڪومت جا ٽي سال باقي آهن، اهڙي وقت هي سوال غير مناسب آهي.”هو ان ڳالهه کي به رد ڪري ٿو ته نواز شريف جا اسٽيبلشمينٽ سان خراب لاڳاپا سندس غير لاڳاپيل ٿيڻ جو سبب آهن، ۽ ان کي سياسي مخالفن جي راءِ قرار ڏئي ٿو۔