ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته سنڌ جي پيداواري وسيلن ، ٻيٽن ، سامونڊي پٽي جي نيلامي سنڌ دشمن رٿا جي منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ذريعي سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سامونڊي پٽي جي ڪراچي کان ڌاٻيجي ٺٽو تائين پهرين مرحلي ۾ نيلامي جو منصوبو جوڙيو ويو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، سنڌ پنهنجي حيثيت ۾ وفاق سان جڙيل هجڻ باوجود پنهنجي اقتصادي معاشي طور الڳ سڃاڻپ رکي آهي، هڪ صوبي جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري ٻي صوبي کي ان مان فائدو ڏيارڻ ناانصافي آهي، اقتداري سياسي پارٽي سنڌ ۾ پنهنجي اقتدار کي ڊگهو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سمورن وسيلن جي نيلامي ڪرائڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي رهي آهي، سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ عوام ۾ سازش جي تحت تڪرار پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪري نفرتن کي پيدا ڪيو وڃي پيو جنهن ۾ سنڌ جي حڪمران صوبائي حڪومت ۾ شامل سمورا وزير توڙي حڪومتي ڌر جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر پڻ ان سازش ۾ پاڻ کي شامل ڪرڻ لاءِ جذباتي بيان بازي تائين پاڻ کي محدود رکيو آهي وري ڪراچي ۾ لساني سوچ رکندڙ ايم ڪيو ايم ان کي مختلف رنگن سان سنڌ جي عوام جي جذبات کي مجروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري تمام غلط بيان بازي ڪئي آهي جنهن سازش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌ کي ڪير به ٽوڙي نٿو سگهي ، سنڌ ۽ پاڪستان هڪ آهي سنڌ کي لساني تنظيم سان گڏ دنيا جي ڪا به طاقت ٽوڙي نٿي سگهي ، ماضي ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين ۾ جيڪا نفرت پيدا ڪئي وئي ان کي هاڻي نوجوان شعوري طور غلط سمجهي رهيو آهي ماضي ۾ جيڪو قتل عام ڪيو ويو ان جي اسان اڄ به مذمت ڪريون ٿا اهو قدم سنڌ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو هو ، هن چيو ته وفاقي حڪومت 27 آئيني ترميم ۾ صوبن کي پنهنجي حقن کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن کي نه صرف رد ڪرڻ سان گڏ ان جي خلاف ڀرپور جدوجهد جو فيصلو ڪيو آهي ، سياسي مخالفت ۾ انتقامي ڪاروائين کي قبول نه ڪيو ويندو.