پي ٽي آءِ برطانيا جِي فيلڊ مارشل بابت عورت جي تقرير کان لاتعلقي، ٽوئيٽ ڊليٽ

لنڊن (م ڊ) پي ٽي آءِ جي برطانيا چيپٽر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي اها پوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي جنهن ۾ پاڪستان جي عسڪري قيادت خلاف چڙ ڏياريندڙ بيانن جي وڊيو شامل هئي. پاڪستان تحريڪ انصاف يوڪي جو چوڻ آهي ته هو ڪنهن به قسم جي غير قانوني طرز عمل جي حمايت نٿا ڪن، آزاد شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪنهن به غلط فهمي کان بچڻ لاءِ پنهنجا بيان احتياط سان ڏين. بيان ۾ چيو ويو ته هڪ شهري جي عسڪري قيادت خلاف بيان واري پوسٽ هٽائي ڇڏي آهي. جيتوڻيڪ اسان جو خيال ناهي ته ڄاڻايل فرد تشدد تي ڀڙڪايو پر ڪنهن به امڪاني غلط فهمي کان بچڻ ۽ فرد ۽ ان جي حقن جي قانوني تحفظ کي ڏسندي احتياطي طور پوسٽ ڊليٽ ڪئي. پي ٽي آءِ يو ڪي الزام هنيو ته اندرون ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني جبر کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو انهن معاملن جي جاچ کي ترجيح ڏئي. بيان ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ عمران خان جي رهنمائي موجب عدم تشدد ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ پرعزم آهي. ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته برطانيا ۾ احتجاج دوران تقرير سان سندن ڪو واسطو ناهي، عورت پارٽي جي عهديدار ناهي، عورت جي خيالن، ٻولي، ڳالهيون پارٽي جي موقف جو عڪس ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.