لاڙڪاڻو(بيورو)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي بحران آهي،معاشي مشڪلات آهي،وفاقي حڪومت جون معاشي مشڪلات آهن،دهشت گردي جا مسئلا آهن،پاڪستان جا اندريان مسئلا عوام کان لڪيل ناهن،ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ هڪ وفاق پرست جماعت آهي،شهيد بينظير ڀٽو چئني صوبن جي زنجير هئي، پ پ هميشه وفاق ۽ صوبن جي باري ۾ سنجيدگي سان سياست ڪندي آئي آهي،هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته جيڪي وفاق جا مسئلا آهن اهي اسان جا مسئلا آهن،جيڪي وفاق جون پريشانيون آهن اهي اسان جون پريشانيون آهن،جيڪڏهن وفاق جو ڪو معاشي مسئلو آهي ته هڪ محب وطن پاڪستاني جي حيثيت ۾ آئون اهو چاهيندس ته انهن جي اها پريشاني ختم ٿئي،پ پ جي پنهنجي سياست آهي پنهنجي تاريخ آهي،چئني صوبن جي زنجير هئڻ جي ناتي اسان مٿان وڌيڪ ذميواري اچي ٿي،هن چيو ته اسان صوبي جي خودمختياري،صوبي جي حقن جو تحفظ ڪندي وفاق جا اهي مسئلا ختم ڪرائڻ چاهينداسين،اسان اهو چاهينداسين ته صوبي جا اختيار کسڻ بدران وفاقي حڪومت صوبي کي وڌيڪ ذميواريون ڏئي،اسان وڌيڪ ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهيون،مثال طور ٽيڪس جي ذميواري آهي ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ٽيڪسن بابت صوبن کي وڌيڪ ذميواريون ڏئي،اسان ايف بي آر کان وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙي وفاق جو معاشي بحران ختم ڪنداسين،وفاق يا ”ٻين“ کي اهو موقعو ڏيون ته اهي توهان تي غلط الزام لڳائين،توهان صوبن جا اختيار کسي رهيا آهيو يا صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهيو،اسان توهان سان گڏجي هي معاشي بحران ختم ڪرڻ چاهيون ٿا اهو اسان جو عزم آهي،ان جو طريقو اهو آهي ته توهان کي صوبن کي وڌيڪ ذميواريون ڏيڻيون پونديون،مثال طور حيسڪو،سيپڪو،ميپڪو،پيپڪو جو بار وفاق کي پنهنجي ڪلهن تان لاهڻ گهرجي،اها ذميواري به توهان صوبن کي ڏيو،اسان وفاق کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارينداسين،سکر ۽ حيدرآباد جي عوام جون انهن ادارن کان شڪايتون اسان انشاءَ الله ختم ڪري ڇڏينداسين،هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان جي معاشي مشڪلات ختم ڪرڻ گهرجي،ته جيئن اسان پاڪستان جي عوام جي معاشي مشڪلات مٽائي سگهون،مان ته گهڻي ڪوشش ڪندو آهيان پنهنجي ماڻهن کي سمجهائڻ جي ته وفاقي حڪومت چئي رهي آهي ته معيشت گهڻي ترقي ڪري رهي آهي،مان ته ڪارڪنن کي چوندو آيو آهيان ته عمران خان جي دور ۾ جيڪا مهانگائي جي شرح هئي اها موجوده وفاقي حڪومت ۾ گهٽ ٿي آهي،ملڪ کي ڊيفالٽ کي بچايو ويو آهي پر ڇا ڪريون؟عوام ته حڪومت جي دعويٰ کي نٿو مڃي،عوام اسان کان پڇي ٿو ته هي جيڪا معاشي ترقي آهي اها اسان کي ڪڏهن محسوس ٿيندي؟حقيقت اها آهي ته پاڪستان جو عام ماڻهو اڄ تائين معاشي بحران مان گذري رهيو آهي،چئني صوبن مان ڪارڪن اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته اسان اڄ تائين مهانگائي، غربت، بيروزگاري جو مقابلو ڪري رهيا آهيون،اصل ۾ پاڪستان ۾ افورڊبلٽي بحران موجود آهي،خريداري جي صلاحيت جو بحران آهي،اڄ عوام رڳو مهانگائي سان نه برداشت کان ٻاهر خرچن سان وڙهي رهيو آهي،بجلي،گئس جا بل هجن،تعليم،هجي بزرگن جو علاج هجي،هر شئي مهانگي ٿيندي پئي وڃي،ماڻهو محنت پوري ڪن ٿا پر پگهار پوري نٿي پوي،عوام وٽ پئسو گهٽ آهي ۽ ضرورتون وڌيڪ آهن،اهو بحران رڳو مهانگائي جو نه گهر هلائڻ جو بحران آهي،اهو عزت سان زندگي گذارڻ جو بحران آهي،پ پ ۾ ئي اها صلاحيت،نظريو ۽ منشورآهي جيڪو عوام کي انهن مشڪلات مان ڪڍي سگهي ٿو،پ پ هميشه شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظريئي مطابق اهي پاليسيون کڻي ايندي آهي جيڪي عوام دوست هونديون آهن،صدر زرداري بينظيرڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جو انقلابي پروگرام شروع ڪيو جيڪو اڄ تائين هلي رهيو آهي،بي آءِ ايس پي اڄ به غريب عورتن لاءِ هڪ سهارو آهي،هن چيو ته ڀارت کي شڪست پاڪستان جي عوام جي سوڀ آهي،سڄي دنيا ۾ مقبوليت ملي،فيلڊ مارشل جو نالو ٻڌندي ئي مودي لڪي ويندو آهي،ڀارت اڃا تائين پنهنجي شڪست کي هضم ناهي ڪيو،مئي جي ڪجهه راتين ۽ شڪست کانپوءِ مودي غائب ٿي ويو آهي،هن چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني،قائدعوام پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو بنياد رکيو،ٻنهي جي دوستي کي بينظير ڀٽو شهيد اڳتي کڻي هلي،آصف زرداري سي پيڪ جو بنياد رکي پاڪ چين دوستي کي مضبوط ڪيو،هن چيو ته جن جهازن ڀارتي جهازن کي ڪيرايو هو اهي صدر زرداري گهرايا هئا،هن چيو ته 27هين ترميم تي ڪجهه اعتراض هئا،پ پ جي ڪاميابي هئي ته ان ترميم ۾ تڪراري شيون اسان نه مڃيون،پر ان ترميم ۾ جيڪي ڳالهيون پاڪستان جي مفاد ۾ هيون يا اسان جي منشور جو حصو هيون، ان تي اسان عملدرآمد ڪيو،اها پ پ جي ڪاميابي آهي ته سياسي ميدان ۾ صوبن جا حق بچائي ورتا،اين ايف سي کي آئيني تحفظ به بچائي ورتو،جيڪو شهيد بينظيرڀٽو جا اڻ مڪمل مشن هو اهو به پورو ڪري ورتو،اهو شهيد بي بي جو واعدو هو ته هوءَ آئيني عدالت بڻائيندي،ان آئيني عدالت ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي هوندي،ان کان وڏي ٻي ڪاميابي پ پ لاءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان وٺي ميثاق جمهوريت تائين پ پ مطالبو ڪندي رهي ته اسان کي آئيني عدالت گهرجي،بلاول ڀٽو چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عوام جي دلين ۾ رهندڙ اڳواڻ هئي، جنهن هميشه غريبن، مزدورن ۽ مظلوم طبقن جو آواز بڻجي دنيا آڏو پيش ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي شهيدن جي مشن کي جاري رکندي مهانگائي، بي روزگاري ۽ ناانصافين خلاف جدوجهد ڪندي رهندي. هن چيو ته سياسي بحران مان نڪرڻ لاءِ مفاهمت ضروري آهي، ۽ ان لاءِ سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي سياسي انتهاپسندي ڇڏيڻي پوندي۔بلاول ڀٽو پي ٽي آءِ جو نالو وٺڻ کان سواءِ تنقيد ڪندي چيو ته 9 مئي جهڙا قدم ۽ ادارن کي ڳالهيون ڏيڻ سياست جي دائري ۾ نه ٿا اچن۔بلاول ڀٽو چيو ته هن سال جي سڀ کان وڏي ڪاميابي جنگ جي ميدان ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ آهي، پر اها ڪاميابي ڳڙهي خدا بخش جي قربانين کان سواءِ ممڪن نه هئي، ڇو ته ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت ڏني ۽ بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي. هن چيو ته مئي جي جنگ کان پوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو نالو ٻڌي غائب ٿي ويندو آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ صحت جو بهترين نظام موجود آهي، جتي مريضن جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو، ۽ هتي 50 سيڪڙو مريض ٻين صوبن مان ايندا آهن۔هن وزيراعظم شهباز شريف جي تعريف ڪندي چيو ته هو اسان جي ڳالهه ٻڌندو آهي، ۽ اسان جي تجويز تي ئي ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو،هن وڌيڪ چيو ته صدرِ مملڪت آصف زرداري ئي ملڪ کي سياسي بحران مان نڪالي سگهي ٿو، ڇو ته هو مفاهمت جا بادشاهه آهن۔