اسلام آباد (شهزاد اقبال) وفاقي حڪومت اپوزيشن اتحاد آڏو مطالبو رکيو آهي ته کين ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته حڪومت ڏانهن هلي اچڻو پوندو ۽ موقف واضح ڪرڻو پوندو. راڻا ثناءُالله چيو هو ته وزيراعظم وضاحت وٺڻ کانپوءِ ڪو فيصلو ڪندو. قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڳالهين لاءِ سندس آفيس موجود آهي پر رڳو ميڊيا تي چوڻ ته ڳالهيون ڪنداسين اهو ڪافي ناهي، آفيس اچڻو پوندو. حڪومتي ذريعن موجب سڌارن تي ڳالهيون ٿينديون پر 2024 جي چونڊن تي ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. پيغام پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان تائين پهچايو ويو. هڪ پاسي ڳالهيون ته ٻئي پاسي ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي لاهور ۾ احتجاج جو ماحول ٺاهي رهيو آهي. ان ڏس ۾ طلال چوڌري چيو ته سڀ تجربا ڪرڻ کانپوءِ هاڻي پي ٽي آءِ وارن فيصلو ڪيو ته ڳالهيون ڪريون. حڪومت ڳالهين جي ميز تي موجود هئي ۽ آهي. ڳالهين جي ايجنڊا به ٻنهي ڌرين جي ويهڻ کانپوءِ طئي ٿيندي. 73 جو نه پر جيڪو آئين آهي اهو ئي هلندو. دهشتگردي جي مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، معاشي بهتري، گونرننس جي بهتري تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هي اسپيڪر آفيس اچي ڳالهيون شروع ڪن، ڏڦيڙ واري ڪا ڳالهه نه ٿيندي. پي ٽي آءِ وارا باني ۽ سندس ڀينرن جي حوالي سان مونجهارن جو شڪار آهن ته خبر ناهي اهي ڪنهن وقت ڇا چئي ڇڏيندا، باني ملاقات تي پا چوندو. اقتدار ۾ نه هجڻ سبب هي نظام جي خلاف آهن. هي چاهين ٿا گڊ ٽو سي يو واپس اچي، ائين نه ٿيندو. پي ٽي آءِ وارن جي تاريخ رهي آهي، جڏهن به هو ايندا آهن اهڙو ئي طوفان ۽ بدتميزي ڪندا آهن. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري اسد قيصر ان ڏس ۾ چيو ته اسان ايجنڊا ڏني آهي، ان تي ڳالهيون ٿينديون. ڳالهين جي اعلان جو مطلب اهو ناهي ته اسان چپ ڪري ويهي رهون، اسان جي تحريڪ ته هلي رهي آهي. اسان ڪارو ڏينهن به ملهائينداسين. پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظ پاڪستان جا فيصلا گڏيل آهن. عمران خان جون ڀينرون به هڪ پيج تي آهن. اسان 73جي آئين جي بحالي چاهيون ٿا. اسان 2024 جي چونڊن تي به ڳالهائينداسين. اسان مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪنداسين. اسان کي وڏي تڪليف آهي، جهڙو رويو سهيل آفريدي سان رکيو ويو ۽ چرس جو الزام هنيو ويو، بي عزتي ڪئي وئي، گٿا لفظ ڳالهايا ويا. نواز شريف پاڻ کي پاڪستاني سمجهي ٿو ته جيڪي ان جا ذميوار آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪري. پنهنجي ڌيءُ کي به سمجهائي. صوبي جي وڏي وزير کي عزت ڏيڻ گهرجي ها. هڪ وزير کي ڌڪا ڏنا ويا.