9 مئي ڀڃ ڊاهه جي ٻن ڪيسن ۾ محمود الرشيد کي 33 سال قيد جي سزا

لاهور (بيورو) لاھور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي گلبرگ علائقي ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ گاڏيون ساڙڻ ڪرڻ وارن ٻن ڪيس جو تفصيلي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت 9 مئي وارن ٻنهي ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ سبب 23 جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن سوڌو 7 جوابدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قيد جي سزا ٻڌائي وئي، عدالت پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ ميان محمود الرشيد کي مجموعي طور 33 سال قيد ۽ 6 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، عدالتي فيصلي موجب ميان محمود الرشيد کي مختلف قلمن تحت الڳ الڳ سزائون ڏنيون ويون، لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي موجب ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيما ۽ اعجاز چوڌري کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽر ياسمين راشد، اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما سازش واري اجلاس ۾ موجود رهيا ۽ پراسيڪيوشن موجب ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت چئن اڳواڻن عوام کي وڳوڙن لاءِ ڀڙڪايو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن طرفان مختلف واٽس ايپ پيغامن ۽ 70 سوشل ميڊيا اڪائونٽن جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، جڏهن ته جوابدارن خلاف فارنزڪ رپورٽون پڻ پيش ڪيون ويون. عدالت موجب جي آءِ ٽي جي جاچ ٽيم جوابدارن کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ جوابدارن جي آءِ ٽي رپورٽ کي ڪنهن به فورم تي چئلينج نه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.