ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه قائداعظم جي مزار ڏانهن ويندي رستي تي سيوريج جو پاڻي بيٺل ڏسي سخت نوٽيس ورتو. ان غفلت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڏي وزير ذميوار آفيسرن خلاف فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾، ايگزيڪيوٽو انجنيئر سيوريج، جناح ٽائون، ڪي ڊبليو ايس سي علي احمد ۽ سب انجنيئر جناح ٽائون، ڪي ڊبليو ايس سي قمر کي فوري طور تي معطل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي مڪاني کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب معطلي دوران ٻنهي آفيسرن جو هيڊ ڪوارٽر مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪي ڊبليو ايس سي ڪراچي جي آفيس هوندو. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته پوري شهر ۾ صفائي ۽ سيوريج جي نظام کي فوري ۽ اثرائتن قدمن ذريعي بهتر بڻايو وڃي. هن واضح ڪيو ته صفائي ۽ نيڪال جي معاملن ۾ غفلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، صفائي ۽ نيڪال جي نظام ۾ ڪنهن به ڪوتاهيءَ خلاف "زيرو ٽالرنس” پاليسي سختي سان نافذ ڪئي پئي وڃي.