پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جو مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان پنهنجي پهرين سرڪاري دوري بعد پاڪستان مان واپس روانو ٿي ويو. دوري دوران صدر جي آمد تي شاندار آجيان  ڪئي وئي ۽ پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي پاڪ فضائيا جي جهازن سلامي پيش ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سندس آجيان ڪئي.  پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب صدر شيخ محمد بن زايد سان گڏ وزيرن ۽ سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان آيو هو. دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ سيڙپڪاري، توانائي، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، جاري منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ رابطن کي ويجهو رکڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو ويو. ترجمان موجب صدر شيخ محمد بن زايد جو دورو ٻنهي ملڪن جي ڀائيراڻن ۽ پراڻن لاڳاپن جو عڪس آهي، جنهن سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي استحڪام جي شعبن ۾ سهڪار وڌڻ جي اميد آهي. دوري جي موقعي تي اسلام آباد ۾ عام موڪل جو به اعلان ڪيو ويو. دوري سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ترقي ۽ علائقائي استحڪام جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ملڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.