شهيد بينظير ڀٽو جي اڄ 18هين ورسي، قافلن جي ڳڙهي خدابخش آمد، عام موڪل جو اعلان

ڪراچي/ لاڙڪاڻو/ نئون ديرو (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۾ اڄ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، پاڪستان پيپلز  پارٽي طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي ملهائڻ جي سلسلي ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ انتظام مڪمل ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي اڄ نهايت عقيدت و احترام سان ملهائي عوامي جلسو ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر، آصفه ڀٽو زرداري، بي بي بختاور ڀٽو زرداري، پ پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، ايم پي اي جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال سميت ٻيا مرڪزي، صوبائي توڙي مقامي اڳواڻ شرڪت ڪري جلسي کي خطاب پڻ ڪندا. هوڏانهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ملڪ جي شهرن سان گڏ دنيا جي ٻاهرين ملڪن سان واسطو رکندڙ اڳواڻن، ورڪرن، جيالن ۽ عام ماڻهن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪي پنهنجي قائدين جي مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چڙهي فاتح خواني ڪري رهيا آهن. ٻي پاسي جلسي گاھ جي سيڪيورٽي لاءِ 7 هزار کان وڌيڪ في ميل ۽ ميل پوليس آفيسر، اهلڪارن سان گڏ 300 رينجرس جا جوان پڻ مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واڪ ٿرو گيٽس، سي سي ٽي وي ڪيمرائون، بم ڊسپوزل اسڪاٽ کي پڻ طلب ڪيو ويو آهي، جيڪي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هوندا، جڏهن ته   صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي جي موقعي تي لاڙڪاڻي ۾ جلسي گاهه جو دورو ڪيو، جتي هن سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون، گهرو وزير ضيا لنجار ڳڙهي خدا بخش قبرستان پڻ ويو، جتي هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه نصرت ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهيون، فاتحه خواني ڪئي ۽ مرحومين جي ايصالِ ثواب لاءِ دعا گهري، بعد ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سنڌ جي گهرو وزير کي بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسي گاهه، ڳڙهي خدا بخش نئون ديرو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن لاءِ تيار ڪيل فول پروف سيڪيورٽي پلان تي مڪمل عملدرآمد جاري آهي، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي ته جلسي گاهه ۽ ان جي آسپاس سيڪيورٽي جي سڀني انتظامن کي پنهنجي سڌي نگراني هيٺ وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي، هن واضح ڪيو ته ڳڙهي خدا بخش نئون ديرو ۾ داخلي ۽ خارجي رستن تي اضافي نفري مقرر ڪئي وڃي، واڪ ٿرو گيٽس لڳايا وڃن ۽ نگراني جا خاص انتظام يقيني بڻايا وڃن، محترمه بينظير ڀٽو جون قربانيون جمهوريت، آئين ۽ عوامي حقن جي تحفظ جي روشن مثال آهن، سنڌ جي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن ۽ نظريي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ عوام جي تحفظ، جمهوري قدرن ۽ قانون جي بالادستي لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکيو ويندو، ٻئي پاسي سنڌ حڪومت اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، صوبائي حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت اڄ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري توڙي خانگي ادارا بند رهندا، ان حوالي سان ڪراچي مان جاري ڪيل صوبائي کاتي محنت جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته اڄ عام موڪل هوندي، ٻئي پاسي بينظير ڀٽو جي ورسي جون مرڪزي تقريبون گڙهي خدا بخش ۾ سندن مزار تي ٿينديون جتي ملڪ جي مختلف حصن مان سياسي قافلا شرڪت لاءِ پهچي رهيا آهن، تقريبن جي موقعي تي شهر جي مختلف چوڪن ۽ اهم هنڌن تي استقباليه ڪيمپ پڻ قائم ڪيا ويا آهن، واضح رهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جلسي کان پوءِ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ڪيو ويو هو.

آصفا ڀٽو زرداري جي ڳڙهي خدا بخش آمد، شهيدن جي مزارن تي حاضري

نئون ديرو (رپورٽر) خاتون اول آصفا ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جو دورو ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي  مزارن تي حاضري ڏني. آصفا ڀٽو زرداري شهيدن جي ابدي سڪون لاءِ فاتحا خواني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا گهري.آصفا ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا  پيش ڪئي. هن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد مير شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي گل به رکيا.

بينظير ڀٽو جي زندگي جمهوريت جي جدوجهد سان جڙيل آهي:آصف علي زرداري

ڪراچي (رپورٽر) صدر آصف علي زرداري شهيدِ جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾  چيو آهي ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي هڪ عظيم جمهوري اڳواڻ طور ياد ڪيو پيو وڃي، جن جي زندگي ۽ قرباني پاڪستان ۾ جمهوريت جي جدوجهد سان ويجهي طرح جڙيل رهي آهي، صدر زرداري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو عالمِ اسلام جي پهرين عورت وزيراعظم هئي جنهن کي پاڪستان جي عوام ٻه ڀيرا چونڊيو، هن آمريت، سياسي پابندين ۽ ڏکين حالتن باوجود آئين، پارليامينٽ ۽ عوام جي ووٽ جي حق لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي ۽ سدائين پرامن سياست تي يقين رکيو، صدر آصف زرداري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو هارين، مزدورن ۽ محروم طبقن جي آواز بڻجي عوامي سياست کي هٿي ڏني، نوجوانن لاءِ روزگار، تعليم ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي سندس ترجيحن ۾ شامل رهي جڏهن ته سماجي ترقي لاءِ به عملي قدم کنيا ويا، محترمه بينظير ڀٽو اهڙي پاڪستان جي حامي هئي جتي سڀني شهرين کي برابري، عزت ۽ تحفظ حاصل هجي، هوءَ فرقيواريت، عدم برداشت ۽ نفرت جي سخت مخالف هئي ۽ اقليتن جي حقن لاءِ مسلسل آواز اٿاريندي رهي، 1990ع واري ڏهاڪي ۾ محترمه بينظير ڀٽو معيشت جي بهتري، سيڙپڪاري جي واڌ ۽ جديد ذريعن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قدم کنيا جن سان ملڪ ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي جي بنياد پئي، انتهاپسندي خلاف محترمه بينظير ڀٽو جو بهادرانه موقف تاريخ جو حصو آهي، هن تشدد ۽ نفرت خلاف آواز اٿاريو ۽ پنهنجي نظرين جي قيمت جان جي قرباني ڏئي ادا ڪئي، سندس شهادت اسان کي سيکاري ٿي ته دهشت گردي جو مقابلو صرف طاقت سان نه پر سوچ، تعليم ۽ باهمي احترام سان به ڪري سگهجي ٿو، محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت، رواداري ۽ ترقي تي ٻڌل پاڪستان جي خواب کي اڳتي وڌايو ويندو.

شهيد راڻي جو خوشحال پاڪستان جو خواب ضرور پورو ٿيندو۔: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو آئين، جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي۔ هن چيو ته شهيد راڻي مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي ۽ هن قيد و بند جون سختيون سهندي به عوام لاءِ جدوجهد جاري رکي۔. وڏي وزير موجب شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي قربانين، حوصلي ۽  ياسي بصيرت جو مثال آهي، جنهن کي دنيا مڃي ٿي۔. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عورتن کي بااختيار بڻايو، آمريت خلاف جدوجهد ڪئي ۽ سياسي انتقام بدران جمهوريت تي يقين رکيو۔. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني ۽ ماءُ جي مشن تي هلي رهيو آهي ۽ شهيد راڻي جو خوشحال پاڪستان جو خواب ضرور پورو ٿيندو۔.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.