مصر جهڙو معاشي ماڊل؟ سيڙپڪاري ۽ برآمد نه هئڻ برابر، قرضن جا پهاڙ

اسلام آباد(امتياز گل)ناليواري معاشي ماهر ثاقب شيراني چيو آهي ته پي آءِ اي جي اصل قيمت 10.2 ارب رپيا لڳائي وئي،باقي جيڪا رقم لڳندي ان بابت ڪهڙي گارنٽي  ورتي وئي آهي اها ته ڪا فهم جي ڳالهه ناهي،پي آءِ اي کي 10 ارب رپين ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ ان جون 670 ارب رپين جون رهتون اسان پنهنجي ذمي ورتيون آهن،هن چيو ته حڪومت ته پاڪستانين جي پئسي تي هلي ٿي،670 ارب رپين جو بار عوام تي وڌو ويو آهي،جڏهن ته هڪ اهڙو ادارو 10 ارب رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو جنهن وڪري کان اڳ 9 ارب رپين جو آپريشنل منافعو ڪمايوهو،ڪل منافعو 26 ارب رپيا هو،هن چيو ته پي آءِ اي 2016ع کان بند آهي پوءِ به ان تي هر مهيني ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن،ان جو گئس جو بل 8 ڪروڙ رپيا ماهوار آهي،هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ اسٽيل ملز جي نجڪاري جو فيصلو ٿي چڪو هو پر سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽيس ذريعي ان جو وڪرو روڪرائي ڇڏيو،سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، هن چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي(اين ايڇ اي)احتساب کان آجو ادارو بڻيل آهي،پهرين اهو پلاننگ ڪميشن جي ماتحت هو،پوءِ ان کي مواصلات وزارت جي حوالي ڪيو ويو،ان اداري سان لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽري مواصلات رڪارڊ تي چئي چڪو آهي ته اسان اين ايڇ اي جي آفيسرن کي بريفنگ لاءِ سڏايون ٿا پر اهي شرڪت نه ڪندا آهن،اهي پاڻ کي جوابده ئي نٿا سمجهن،ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ اين ايڇ اي لاءِ 400 ملين ڊالر قرض ڏنو آهي اهو قرض به ڪيڏانهن ويو،ڪٿي استعمال ٿيو؟ ڪا خبر ناهي،ان کي اسٽريٽجڪ اداري جو درجو مليل آهي،هن چيو ته اين ايڇ اي اسٽيبلشمينٽ جي ڇٽيءَ هيٺ هلي ٿو،ان جا سمورا ٺيڪا ايف ڊبليو اي کي ملن ٿا،ٽول پلازا به اهي ئي ادارا هلائي ڪمائن ٿا،هن چيو ته اين ايڇ اي،ڊي ايڇ اي جهڙا 50 کن ادارا آهن جيڪي متوازي معيشت هلائي رهيا آهن،هن چيو ته هن ملڪ ۾ معاشي ماڊل مصر ۽ انڊونيشيا جهڙو هلي رهيو آهي،جتي فوج پنهنجي ادارن ذريعي ڪاروباري ادارن تي پنهنجي هڪ هٽي ويهاري ڇڏي،انهن سببن جي ڪري انڊونيشيا ۽ مصر جون معيشتون نه چڙهي سگهيون،هتي نه نج پرائيوٽ سيڙپڪاري ٿي رهي آهي نه ئي مقابلي جو لاڙو موجود آهي،هن وقت غيرشفاف معيشت هلي رهي آهي،هن چيو ته ترڪيه ۾ جڏهن کان اردگان اقتدار ۾ آيو آهي تڏهن کان اتان جي فوجي ادارن جي ملڪيت 20 ارب ڊالر کان گهٽجي وئي آهي،اردگان فوجي ادارن کي قومي معيشت جي مک ڌارا مان ڪڍي ڇڏيو آهي،هن چيو ته مون کي لڳي ٿو ته اسان مصر جي رستي تي هلندي آرمي جي ڪاروباري ادارن ۽ ان جي پسنديده خانگي ادارن حوالي قومي اثاثا ڪري رهيا آهيون،ان سان مقابلي جو رجحان ختم ٿي رهيو آهي،پي آءِ اي کي 15 سالن لاءِ ٽيڪسن کان ڇوٽ ڏني وئي آهي نجڪاري جي پهرين ڏينهن کان ئي توهان ان جي مالڪن کي هڪ نفعي بخش ادارو بڻائي ڇڏيو آهي،هن چيو ته جنهن اداري کي توهان 10 ارب رپين ۾ وڪرو ڪري توهان خوشيون ملهائي رهيا آهيو اهو قوم کي ساليانو 70 ارب رپيا مهانگو پوندو،عالمي بئنڪ،آءِ ايم ايف ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران پاڪستان کي قرضن مٿان قرض ڏيڻ ملي ڀڳت آهي،حالانڪه آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ خرابين جي پاڙ انهن قوتن کي قرار ڏئي چڪي آهي جن سان اها قرضن لاءِ ڳالهيون ڪري ٿي،قرض اچن ٿا پر انهن جو معيشت تي ڪو اثر نٿو پوي،قرضن جو پهاڙ آهي،آمدني نه پئي وڌي،صنعتون بند،برآمد گهٽ ٿي آهي،ويجهي مستقبل ۾ به سيڙپڪاري جا امڪان نظر نه پيا اچن،

ڪراچي(شاهزيب خانزاده)معيشت جو چاڙهو نه ٿيو،اسٽاڪ مارڪيٽ رڪارڊ بلندي تي هئڻ باوجود معيشت ڪمزور ڇو آهي؟حالتون بهتر آهن ته سيڙپڪار ٻاهرين  لڪ ڇو وڃي رهيا آهن،برآمد به حڪومتي اميدن مطابق نه وڌي،چيف ايگزيڪيٽو ميپل ليف ڪيپيٽل وليد سهگل چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري تمام وڏي ڳالهه آهي،ڇو ته اسان جو 20 سالن کان نجڪاري پروگرام مئل حالت ۾ هو،پي آءِ اي خريد ڪندڙ گروپ ساک رکي ٿو،اها سٺي شروعات آهي،ڊسڪوز،سوئي ڪمپني ۽ زرعي ترقياتي بئنڪ جي نجڪاري جون به تياريون هلي رهيون آهن،نجي سيڙپڪار اچڻ سان معيشت وڌندي،سفيد هاٿين مان جان ڇڏائڻ تائين اسان تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خرچ نه ڪري سگهنداسين،ڀارت ان ڪري ترقي ڪئي آهي ڇو ته 30 سالن کان سڌارن جو تسلسل جاري آهي،اسان سڌارن واري پروگرام کي معطل ڪري ڇڏيندا آهيون،هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به صوبي جو وڏو وزير هئڻ بهترين نوڪري آهي،توهان ڪو به روينيو نه وڌايو بس خرچ ڪريو،اهي ذميوارين کان آجا بڻيل آهن،اسان جو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي 12سيڪڙو آهي صوبا رڳو هڪ سيڪڙو گڏ ڪن ٿا،معاشي ماهر عمار حبيب خان چيو ته سڌارن جي پروگرام جاري رکڻ گهرجن،اين ايف سي ايوارڊ مسئلو بڻيل آهي،جيستائين اهو نظام موجود آهي توهان جا ٽيڪس وڌندا رهندا،نجي ادارن وٽ نئين سيڙپڪاري لاءِ ماحول ناهي،اسان کي انويسٽمينٽ ٽو جي ڊي پي ريشو وڌائڻو پوندو،اسان 50 سالن کان 12 سيڪڙو جي شرح تي آهيون،بنگلاديش،ويٽنام،انڊيا ۾ 30 سيڪڙو جي ڊي پي سيڙپڪاري آهي،هتي نيون صنعتون ئي نه پيون لڳن،5 سيڪڙو معاشي اوسر لاءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻا پوندا،معاشي ماهر اڪبر زيدي چيو ته اسان جا سيڙپڪار ملڪ ڇڏي وڃي رهيا آهن،اهي سريلنڪا،دبئي،بنگلاديش ۾ فيڪٽريون پيا لڳائن،ڇو ته اتي ٽيڪسن جو نظام پيچيده ناهي،هن چيو ته 50 سالن ۾ سيڙپڪاري جي شرح ايتري گهٽ ڪڏهن ناهي ٿي،جڏهن پاڪستاني پاڻ ئي سيڙپڪاري نه ڪندا ته ٻاهريان ڪو به نه ايندو،هن چيو ته پي آءِ اي کي وڪرو ڪرڻ ڪا سيڙپڪاري ناهي،اسان برآمد ڪندڙن تي ايترا ٽيڪس لڳائي ڇڏيا آهن جو اهي مايوس آهن،بجلي،گئس جا اگهه وڌيڪ آهن،هن وقت رڳو آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي،اسان جي هاءِ ٽيڪ يونيورسٽين جو معيار به ايترو سٺو ناهي،اي آءِ جو دور اچي رهيو آهي،اسان جون ٽيڪسٽائل ملون بند ٿي رهيون آهن،هر سال 10 لک ماڻهو ٻاهر وڃي رهيا آهن ان سان ترسيلات زر ته وڌندو ته اهو حل ناهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.