فوجي فائونڊيشن جو اسٽيٽس ڇا آهي؟ حافظ نعيم

ڪراچي(رپورٽر)جماعتِ اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اوهان ڪهڙي قيمت تي قومي اثاثو وڪرو ڪيو آهي؟ڪراچي  ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته قومي ايئر لائن 10 ارب رپيا منافعو ڪمايو آهي،پوءِ ان کي ڇو وڪرو ڪيو ويو؟قومي اثاثن جي لوٽ سيل ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، هن چيو ته  هڪ ننڍي جهاز جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ 27 ارب رپيا آهي.هن چيو ته اوهان قومي ايئر لائن کي هڪ ننڍي جهاز جي قيمت تي وڪرو ڪري ڇڏيو. قومي خزاني ۾ صرف 10 ارب رپيا آيا آهن، جيڪي ته هڪ پراڻي جهاز جي قيمت جي برابر به ناهن، هن چيو ته فوجي فرٽيلائزر ڪمپني به عارف حبيب ڪنسورشيم ۾ شامل ٿي وئي آهي جيڪڏهن 335 ارب رپين جي به ٻولي لڳي ها، تڏهن به ايئر لائن نه وڪڻڻ گهرجي ها. جيڪڏهن اوهين سرڪاري ادارا نٿا هلائي سگهو، ته پوءِ ڪهڙي گورننس جي دعويٰ ٿا ڪريو؟هن چيو ته ڪراچي جي تباهي ۾ ايم ڪيو ايم هميشه کان پ پ سان برابر جي شريڪ رهي آهي،ڪراچي جي عوام عام چونڊن ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کان لاتعقي اختيار ڪئي پر اسٽيبلشمينٽ 22 قومي اسيمبلي سيٽون انهن ۾ ورهائي ڇڏيون،جن ماڻهن قابض ميئر کي اچڻ ڏنو انهن کان سوال آهي ته انهن ڌاڙيلن ۽ چورن  کي ڇو مڙهيو؟هن چيو ته فوجي فائونڊيشن جو اسٽيٽس ڇا آهي؟ڇا اهو پرائيوٽ ادارو آهي يا سرڪاري؟جيڪڏهن فوجي فائونڊيشن به رياستي اداري سان ڳنڍيل آهي ته پوءِ سوال اهو آهي ته هڪ سرڪاري ادارو ٻئي سرڪاري اداري جي حوالي ڪرڻ ڪيئن نجڪاري سڏرائيندو؟هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جو ريشو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي،پ پ اسٽيبلشمينٽ جي اي پلس ٽيم بڻيل آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.