محرابپور (رپورٽ: آصف علي سيال) محراب پور ۾ ڦر مزاحمت تي ٻن ڄڻن جي قتل ۽ هڪ نينگر کي مرڻينگ ڪرڻ ۽ بدامني خلاف شهر ۾ واپاري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ٻه ڏينهن اڳ محراب پور ۾ ڦورن پاران وچ شهر ۾ ٺري ميرواھ واسي واپاري ايڊووڪيٽ غلام شبير شر کان پنهنجي معصوم ڌيءَ ۽ زال سامهون ڦر ڪئي وئي، مزاحمت تي ڦورن کيس فائرنگ ڪري قتل ڪيو، ڦورن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪراچي جي خانگي ڪمپني ۾ انجنيئر طور ملازمت ڪندڙ ۽ ڀاءُ جي شادي تقريب ۾ آيل محرابپور واسي نوجوان عمران مغل ۽ نينگر علي شان غوري کي پڻ ڦورن فائرنگ ڪري شديد زخمي ڪري وڌو، جن کي پڻ اسپتال آندو ويو پر زخمن جا تاب نه سهندي انجنيئر عمران مغل پڻ دم ڌڻي حوالي ڪيو هو ۽ علي شان غوري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال نيو ويو، سرچ آپريشن ۽ صوبائي گهرو وزير جي نوٽيس وٺڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، مقتول انجنيئر عمران مغل جي جنازي نماز محرابپور ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، بعد ۾ کيس آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، شهر جي سماجي اڳواڻ امتياز علي ملاح جي اڳواڻي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شهر جي لوڌي چوڪ تي احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو ويو، جنهن ۾ شهرين پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شهرين طرفان جوابدارن جي فوري طور گرفتاري جي پوليس جي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪندي شهر ۾ وڌندڙ بدامني جي خاتمي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.