جيڪب آباد(ڊ ر ) ايم پي اي طرفان ايس ايس پي مٿان سنگين الزامن وارو مامرو، ايس ايس پي جي حڪم تي ايم پي اي جي ويجهي ساٿي جي هوٽل تي پوليس چڙهائي، ايم پي اي جي ويجهو ساٿي سميت 11 ڄڻا شراب جي 18 بوتلن سميت گرفتار جيل حوالي، ڳڙهي خيرو جي پ پ ايم پي اي ممتاز جکراڻي جي ايس ايس پي مٿان سنگين الزامن کان پوءِ پوليس تحرڪ ۾ اچي وئي، سٽي پوليس ايم پي اي جي ويجهو رهندڙ ساٿي سچانند جي هوٽل تي چڙهائي ڪئي پوليس سچانند، سنتوش ڪمار، گوبند رام، ساگر ڪمار، سني ڪمار، نديم چنو، جنيد سومرو، ڪاشف بروهي، صديق دايو ۽ فيصل پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس گرفتار ٿيلن کان 18 شراب جون بوتلون ٽي شيشا هوڪا هٿ ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو، پوليس گرفتار ٿيل 11 ڄڻن کي جڊيشل مئجسٽريٽ وسيم لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو پوليس گرفتار جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ڏيڻ لاءِ عدالت کي استدعا ڪئي، عدالت شيشا هڪو رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٽن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جڏهن ته ايم پي اي جي ويجهي ساٿي سچانند سميت 8 جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو پوليس گرفتار ٿيل 8 جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته اطلاع مليو ته قائد اعظم روڊ تي پاڪيزه هوٽل ۾ سرعام شراب نوشي ڪئي پئي وڃي اهڙي اطلاع تي هوٽل پهچي 11 ڄڻن کي 18 شراب جي بوتلن ۽ شيشا هوڪي سميت گرفتار ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو.