ڪراچي بار جي وفد جي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان ملاقات

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن ۾ دير بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ڪراچي بار جي وفد جي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت سان ملاقات، ملاقات دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ بار صدر حسيب جمالي پڻ موجود هو، وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ موجب ڪراچي بار چيف جسٽس کان چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي درخواست ڪئي آهي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ خاطري ڪرائي آهي ته ايڊمن ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويندو، عامر وڙائچ ٻڌايو ته چيف جسٽس چونڊن دوران هوائي فائرنگ بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن، جنهن تي ڪراچي بار خاطري ڪرائي آهي ته اهڙو ڪو واقعو پيش نه ايندو، هوائي فائرنگ جي صورت ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ سنڌ بار ڪائونسل ڪارروائي ڪندي، سيڪريٽري ڪراچي بار موجب ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو مدو 31 ڊسمبر تي پوري ٿي رهيو آهي ۽ بار چاهي ٿي ته جمهوري تسلسل برقرار رهي ۽ چونڊون وقت سر ڪرايون وڃن، سيڪريٽري ڪراچي بار چيو ته چيف جسٽس سان ملاقات دوران ضابطه اخلاق بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي، اميدوارن کي پابند بڻايو ويندو ته غير لاڳاپيل ماڻهو چونڊ عمل ۾ شامل نه ٿين، سيڪريٽري ڪراچي بار موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري کان پوءِ اميدوارن سان مشاورت ڪري چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.