اپوزيشن اتحاد حڪومتي ڳالهين جي آڇ قبول ڪري ورتي، پي ٽي آءِ طرفان مخالفت

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان حڪومت جي ڳالهين جي آڇ قبول ڪري ورتي، محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ علامه راجا ناصر عباس، بي اين پي مينگل جو اڳواڻ ساجد ترين، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر، مصطفىٰ نواز کوکر ۽ اپوزيشن اتحاد جو ترجمان اخونزاده حسين يوسفزئي شرڪت ڪئي، اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي پاسداري بابت ڳالهين لاءِ تيار آهيون، آئين ۽ جمهوري قدرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون وينديون، اپوزيشن اتحاد موجب جيڪڏهن سياسي پارٽيون آئين جي بحالي، پارليامينٽ ۽ سِول بالادستي تي اتفاق ڪن ته اسان به تيار آهيون، اپوزيشن اتحاد جي ترجمان ٻڌايو ته اپوزيشن شفاف چونڊن ۽ متفقه چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ به ڳالهين لاءِ تيار آهي، سياسي ۽ معاشي بحران، امن امان ۽ گورننس جي کوٽ مان نڪرڻ لاءِ نئون ميثاق ضروري آهي، مايوسي ختم ڪرڻ لاءِ نئين ميثاق جي سخت ضرورت آهي، جنهن تي باني پي ٽي آءِ کان صحيحون وٺڻ جي ذميواري محمود خان اچڪزئي کڻندو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي نائب صدر مصطفىٰ نواز کوکر چيو ته هو آئين ۽ نئين ميثاق تي حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهن، اسان ڊائلاگ لاءِ تيار آهيون، ڳالهين جو دروازو بند نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم جي بيان کي سنجيدگي سان ورتو آهي ۽ پي ٽي آءِ سميت سڀني اتحادي جماعتن سان مشاورت ڪئي وئي آهي، مصطفىٰ نواز کوکر واضح ڪيو ته  ڳالهين دوران باني پي ٽي آءِ عمران خان جي آزادي يا ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن حڪومت سنجيده آهي ته آئين ۽ نئين ميثاق تي ڳالهين لاءِ اڳتي وڌي، پوءِ ايندڙ مرحلي بابت سوچيو ويندو، گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو هو ته جائز مطالبن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿا، پر ڳالهين جي آڙ ۾ بليڪ ميلنگ قبول نه ڪئي ويندي، ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته حڪومت جو انداز سياسي گهٻراهٽ ۽ فڪري ڏيواليپڻي کي ظاهر ڪري ٿو، حڪومت ڳالهين کي ٻٽو معيار اختيار ڪرڻ ۽ عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، شيخ وقاص اڪرم پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس سان رابطو ڪري سگهي ٿي، پر پي ٽي آءِ ڪنهن به صورت ۾ حڪومت سان ڳالهين ۾ شامل نه ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف جي ڳالهين جي آڇ ٻٽو معيار ۽ متضاد موقف آهي، ان حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ اپوزيشن اتحاد جي قيادت کي مڪمل اختيار ڏنو آهي ته هو ڳالهيون ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪن، باني پي ٽي آءِ ۽ سڄي جماعت کي محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس تي مڪمل اعتماد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.