لاهور(بيورو)سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته اسان کي اقتدار ۾ عام ماڻهو نه پر انتهائي باڪردار ۽ اهل ماڻهو گهرجن. هاڻي حضرت عمر خطابؓ ته نٿو اچي سگهي، پر عمرِ ثاني ضرور اچي سگهن ٿا. بنيادي حقن جو تحفظ هاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن جي ذميواري آهي، جن آئين جي بالادستي جو حلف کنيو آهي.لاهور ۾ ڪتاب “ديواني انصاف جي نقاب ڪشائي” جي تقريبِ رونمائي کي خطاب ڪندي هن چيو نظام کي قانون جي حڪمراني ئي منظم ڪري ٿي.اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته هڪ ئي ادارو آهي جيڪو حقن جي تحفظ جو پابند آهي، ۽ اهو آئين جي آرٽيڪل 7 ۾ واضح طور درج آهي، جنهن کي سڀني کي پڙهڻ گهرجي. هن چيو ته ڪفر جو معاشرو ته هلي سگهي ٿو، پر ظلم جو معاشرو قائم نٿو رهي سگهي. چرچل جنگ دوران پڇيو هو ته “ڇا اسان جون عدالتون ڪم ڪري رهيون آهن؟” ــ هي جملو پنهنجي اندر تمام گهرو مطلب رکي ٿو.هن چيو ته ڇا پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني قائم آهي؟ جيڪڏهن قانون جي حڪمراني نه هوندي ته پوءِ سڀ ڪجهه بيڪار آهي. هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني لاءِ اظهارِ راءِ جي آزادي ضروري آهي. جج جو امتحان به جمهوريت ۾ ئي ٿيندو آهي. جيڪڏهن بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ثابت ٿي وڃي ته پوءِ ان جو تحفظ ڪير ڪندو؟ اهو ڪم هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن جو آهي، ۽ انهن ئي ججن آئين جي بالادستي جو حلف کنيو آهي.