سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جو وڪرو روڪرائي رهيا آهيون:عذرا پيچوهو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي صحت  واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي غيرقانوني وڪري کي روڪڻ لاءِ دوائن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي. سول اسپتال ڪراچي ۾ ڊجيٽلائيزيشن سسٽم جو آغاز ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي دوائن کي آساني سان ٽريس ڪري سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته پي پي ايڇ آءِ کي وڌيڪ 150 صحت جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن، جنهن سان صوبي ۾ پرائمري هيلٿ ڪيئر جو نظام وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. ڏورانهن علائقن ۾ عملي جي کوٽ جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي حڪومت ڪمپني جي ذريعي اسٽاف کي هائر ۽ فائر ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرائي رهي آهي. ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو صوبي ۾ وبائي ۽ متعدي بيمارين جي صورتحال بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ ڪتن جي چڪ سان لاڳاپيل 2 لک 84 هزار 138 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. ڪراچي مان ارڙي جا 1 هزار 600 مريض سامهون آيا آهن، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ ارڙي ۾ ورتل ٻارن جو انگ 3 هزار 180 آهي. جڏهن ته مليريا جا 3 هزار 442 ۽ ڊينگي جا 10 هزار 244 ڪيس ڪراچي مان رپورٽ ٿيا آهن. وزير صحت اعلان ڪيو ته دولت پور ۽ ڳڙهي خدا بخش ۾ مريضن جي سهولت لاءِ نوان اسپتال قائم ڪيا ويندا. جي پي ايم سي ۾ پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف ڀرتي ڪيو ويندو، جڏهن ته هلندڙ سال اٺ اسپتالن کي فنڪشنل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سول ۽ جناح اسپتالن تي مريضن جو غيرمعمولي دٻاءُ آهي، جنهن کي گهٽائڻ لاءِ گلشن حديد، ڪمال خان ڳوٺ، انچولي، سعود آباد ۽ رزاق آباد ۾ ننڍن اسپتالن کي فنڪشنل ڪيو پيو وڃي هن ٻڌايو ته نواب شاهه ۾ BIUT جي نالي سان SIUT قائم ڪيو ويو آهي، ٽراما سينٽر ۾ ويسڪيولر سرجري جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته لياري ميڊيڪل ڪاليج ۾ پراڻي اسڪيم مڪمل ٿيڻ سان گڏ روبوٽڪ سرجري به ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.