آءِ ايم ايف جو شرط، حڪومت جو ڪڻڪ خريداري عمل کان ٻاهر

اسلام آباد (بيورو) حکومت آءِ ايم ايف جي هڪ ٻي شرط پوري ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جي خريداري جي عمل کان ٻاهر نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب وفاق ۽ صوبا صرف ڪڻڪ جو ايمرجنسي اسٽاڪ رکندا،جڏهن ته اسٽريٽيجڪ ذخيرن جي خريداري وفاق بدران خانگي ڪمپني ڪندي، ذريعن موجب وفاق 15 لک، پنجاب 25 لک، سنڌ 10 لک، خيبرپختونخوا 7.5 لک ۽ بلوچستان 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو رکندو، وفاق ۽ صوبن لاءِ ڪڻڪ جي خريداري نجي ڪمپني ڪندي، ۽ وزارت صنعت و پيداوار موجب فنانسنگ ۽ ڪڻڪ رکڻ جي ذميواري پڻ ڪمپني تي هوندي، وفاق صرف سروس چارجز ڏيندو، حڪومت کي 570 ارب رپين جي سالياني بچت جو ڪاٿو آهي ۽ خوراڪ ۽ تحفظ واري وزارت سروس چارجز لاءِ 30 ارب رپيا مختص ڪري ڇڏيا، ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس سبسڊي به نه ٿيندي، ۽ قيمتن جو تعين عالمي مارڪيٽ موجب ڪيو ويندو، خوراڪ ۽ تحفظ واري وزارت عالمي بينچ مارڪ کي نظر ۾ رکندي قيمتون طئي ڪندي، آئي ايم ايف وفاقي حڪومت کي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ کان روڪيو آهي، اڳ ۾ وفاق ڪڻڪ جي خريداري لاءِ بينڪ گارنٽي ڏيندو هو ۽ پاسڪو خريداري ڪندي هئي،پر پاسڪو کي ادائيگي وقت تي نه ٿيڻ سبب فوڊ سيڪٽر جو گھڻائي قرض 270 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.