اسلام آباد(بيورو)وزير دفاع خواجا آصف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻو ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم بار بار پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏئي رهيو آهي. الله ڪري ته اهي ڳالهيون مثبت ۽ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿين.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ليڊر جي سياسي ڊي اين اي ۾ ڳالهين جي ڪا گنجائش ئي ناهي. عمران خان سڄي زندگي پنهنجي ذاتي مفاد تي ئي اول ۽ آخر ڌيان ڏنو آهي.خواجه آصف جو چوڻ هو ته ڳالهيون هميشه “ڪجهه وٺو ۽ ڪجهه ڏيو” جي بنياد تي ٿينديون آهن، پر عمران خان ڪو اصول پسند ماڻهو ناهي. هو 200 سيڪڙو مفاد پرست آهي ۽ هميشه پنهنجي ذاتي مفاد بابت ئي سوچي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ اصولن ۽ انساني رشتن کي به لتاڙي سگهي ٿو.