فوج ۽ عوام ۾ ويڇا وڌائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي\ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي(عوامي آواز رپورٽ)راولپنڊي ۾ پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته قومي يڪجهتي، سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، ڀلي اهي عنصر سياسي هجن يا ڪو ٻيو هجي.پاڪ فوج جي شعبيِ تعلقاتِ عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 273هين ڪور ڪمانڊرزڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن دوران فورم تازن دهشتگردي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ ايصالِ ثواب خاطر فاتحه خواني ڪئي.فورم دهشتگردي جي تازي واقعن ۾ جانين جو نذرانوم پيش ڪندڙن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب، فورم غير ملڪي اشارن تي دهشتگردي کي هٿي ڏيندڙ عنصرن خلاف مادرِ وطن جو دفاع ڪندڙن کي پڻ خراجِ تحسين پيش ڪيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير پاڪستان جي مسلح افواج جي غيرمتزلزل همت، پيشاورانه مهارت ۽ قربانين کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب، ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اعادو ڪيو ته ڀارت جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ سڀني دهشتگردن، سهولتڪارن ۽ سندن مددگارن سان بنا ڪنهن رعايت جي فيصلائتو منهن ڏنو ويندو.آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف ملڪ ۾ انٽيليجنس بنياد تي ٿيندڙ دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ساراهيو.فورم دهشتگردي، ڏوهن ۽ سياسي مفادن جي وچ ۾ گٺ جوڙ کي مڪمل طور رد ڪندي چيو ته قومي يڪجهتي، سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، ڀلي اهي سياسي عنصر ڇو نه هجن.فيلڊ مارشل چيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج جي گڏيل ڪوششن سان ملڪ آهستي آهستي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي، ۽ پاڪستاني عوام جي ثابت قدم حمايت سبب ملڪ يقيني طور عزت ۽ وقار جي راهه تي اڳتي وڌي رهيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب، فورم اندروني ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ملڪ کي درپيش خطرن ۽ آپريشنل تيارين تي زور ڏنو.فورم چيو ته هٿياربند فوجن ۽ پاڪستاني عوام جي وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪنهن کي به هرگز اجازت نه ڏني ويندي.فورم بلوچستان حڪومت جي خاص ترقياتي قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته اهي قدم سماجي رابطن وسيلي گورننس سان جڙيل دهشتگردي جي عنصرن جي خاتمي ۾ مددگار آهن.شرڪت ڪندڙن پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ٻين علائقن ۾ به اهڙن قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو، ۽ ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت ۽ سندن جائز جدوجهد لاءِ پاڪستان جي ثابت قدمي جو اعادو ڪيو.ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي به توثيق ڪئي. فورم غزه ۾ فوري ۽ مستقل جنگ بندي، غزه تائين بنا رڪاوٽ انساني امداد جي رسائي ۽ فلسطيني رياست لاءِ هڪ قابلِ اعتماد رستي جو مطالبو ڪيو.ڪانفرنس جي پڄاڻي تي آرمي چيف ڪمانڊرز کي آپريشنل تياري، نظم و ضبط، تربيت، جديد جدتون ۽ ميدانِ جنگ ۾ اعليٰ پيشاورانه معيار برقرار رکڻ جون هدايتون ڏنيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.