پي آءِ اي خريد ڪندڙ ڪنسورشيم ۾ فوجي فرٽيلائزر جي شموليت سان فائدو ٿيندو: حڪومت

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري سان ڪارڪردگي ۾ سڌارو ايندو، ماضي ۾ ڪيترين ئي غلطين سبب ادارو نقصان ۾ ويو، جڏهن ته نجڪاري سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو.هنن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن هتي هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات عطاالله تارڙ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا.محمد علي چيو ته پي آءِ اي جو سڀ کان وڏو اثاثو ان جا هوائي روٽس آهن. پي آءِ اي هر سال لڳ ڀڳ 40 لک مسافرن کي سهولتون فراهم ڪري ٿي. ڪيترائي سال اڳ پي آءِ اي وٽ 50 آپريشنل جهاز هئا، جيڪي هاڻي 100 هجڻ گهرجن ها. هن ٻڌايو ته پي آءِ اي وٽ 30 سيڪڙو مارڪيٽ شيئر آهي. نجڪاري سان پي آءِ اي جي وڃايل عظمت بحال ٿيندي ۽ جي ڊي پي ۾ پڻ اضافو ٿيندو.نجڪاري بابت صلاحڪار گذريل ڏينهن قومي هوائي ڪمپني (پي آءِ اي) جي نجڪاري جو عمل مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان عمل جي تڪميل ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت سڀني رهنمائي ۽ سهڪار فراهم ڪيو.هن چيو ته عارف حبيب ڪنسرشيم سڀ کان وڌيڪ ٻولي ڏني، فوجي فرٽيلائزر گروپ به ڪنسورشيم ۾ شامل ٿئي ته فائدو ٿيندو. محمد علي موجب، پي آءِ اي جي نجڪاري بابت مالي مشيرن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي.هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ حڪومت جي ڪوششن جو عڪس آهي، پر ان تي غير ضروري تنقيد ڪئي پئي وڃي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي وٽ مجموعي طور 33 جهاز آهن، جن مان 19 آپريشنل آهن. قومي هوائي ڪمپني جي بيڙي ۾ 16 ايئر بس A320 شامل آهن، جن مان 11 آپريشنل آهن.ان کانسواءِ مجموعي طور 12 بوئنگ 777 جهاز آهن، جن مان 6 آپريشنل آهن. 24 جهاز 2010 کان اڳ جا آهن، جڏهن ته 2010 کان 2013 دوران 7 جهاز حاصل ڪيا ويا ۽ 2 جهاز 2017 ۾ شامل ڪيا ويا.نجڪاري بابت صلاحڪار ٻڌايو ته پي آءِ اي جي هوائي بيڙي ۾ شامل 20 جهاز اداري جي ملڪيت آهن، جڏهن ته 13 جهاز ليز تي حاصل ڪيل آهن.هن چيو ته 1990 کانپوءِ اداري جي ڪارڪردگي متاثر ٿيڻ شروع ٿي ۽ 1999 ۾ نجڪاري جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي جيڪا ڪامياب نه ٿي سگهي.انهيءَ طرح 2005 ۽ 2024 ۾ به ڪوششون ڪيون ويون پر اهي به ناڪام رهيون، جڏهن ته گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو.محمد علي چيو ته 2015 کانپوءِ پي آءِ اي کي هر سال اربين رپين جي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو، ڇو ته ڊجيٽلائيزيشن نه هئڻ ۽ عالمي سطح تي مقابلو نه ڪري سگهڻ سبب مالي خسارو وڌندو ويو.هن ٻڌايو ته سال 2000 کانپوءِ ٽيڪنالاجي ۾ تيزي آئي، پر پي آءِ اي ان مان فائدو حاصل نه ڪري سگهي.محمد علي چيو ته پي آءِ اي هر سال 40 لک مسافرن کي سهولتون فراهم ڪري ٿي، ماضي ۾ غلطيون ٿيون، پر نجڪاري سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.