لاهور(مزمل سهروردي)آءِ ايس آءِ جو سربراهه ڪير ٿيندو؟ميجر جنرل فيصل نصير ۽ جنرل واجد وچ ۾ ڇا هلي رهيو آهي؟ چيو آهي ته ناليواري تجزئي نگار۽ صحافي بلال غوري چيو آهي ته ايندڙ 10 مهينن تائين فوج ۾ ڪا وڏي تبديلي ٿيندي نظر نه پئي اچي، سيپٽمبر تائين بري فوج ۾ ڪو به ليفٽيننٽ جنرل رٽائر نه پيو ٿئي،ٻه جنرل نديم انجم ۽ آصف غفور ايل پي آر تي آهن،اهي ڪاغذن ۾ اڃا رٽائر ناهن ٿيا،نوازشريف لاءِ اهو غلط چيو وڃي ٿو ته نديم انجم کي ٻيهر آءِ ايس آءِ سربراهه ڪيو وڃي،فارم 47 جو داغ جنرل نديم انجم ئي ڏنو آهي،نديم انجم جيڪڏهن فائدو پهچايو آهي ته اهو پ پ کي پهچايو آهي،هن چيو ته اينڪر منيب فاروق چيو آهي ته ايڪس(ٽوئيٽر) تي عمار سولنگي جي نالي سان اڪائونٽ ڊي جي سي(آءِ ايس آءِ)ميجر جنرل فيصل نصير جوآهي،ففٿ وار فيئر ۾ ان طرح جا فيڪ اڪائونٽ بڻجندا آهن،ڪو به ميجر جنرل رينڪ جو آفيسر اهڙو اڪائونٽ نٿو هلائي سگهي،ايجنسيون ان طرح جا اڪائونٽ هلائينديون آهن،هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اهو فيڪ اڪائونٽ ٻيهر سوشل ميڊيا تي ايڪٽو ٿي وڃي،مستقل طور ختم ناهي ٿيو،ليبيا ۾ فيصل نصير جي فيلڊ مارشل سان گڏ هڪ تصوير وڏي وائرل ٿي ان مان اهو سمجهيو ويو ته فيصل نصير فيلڊ مارشل جي تمام ويجهو آهي،هن چيو ته فيلڊ مارشل ۽ ڊي جي سي کي سڀ کان وڌيڪ تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو،فيصل نصير کي مقرري جي ٻئي ڏينهن ئي عمران خان ”ڊرٽي هيري“ڪوٺڻ شروع ڪيو،اهو به تاثرعام آهي ته فيصل نصير ميجر جنرل مان پروموٽ ٿي ليفٽيننٽ جنرل بڻجي ويندو ۽ آءِ ايس آءِ جو سربراهه ٿي ويندو،هن چيو ته جنرل باجوا آڪٽوبر 2022ع رٽائر ٿيڻ مهل ”لوٽ سيل“ لڳائي 12 ميجرجنرلن کي ترقيون ڏئي ويو،انهن ليفٽيننٽ جنرلن کي آڪٽوبر 2026ع ۾ رٽائر ٿيڻو آهي،هن چيو ته هڪ طريقو اهو ٿي سگهي ٿو ته فوج ۾ ٻه نوان عهدا ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ ۽ وائيس چيف آف آرمي اسٽاف تخليق ڪيا ويا آهن انهن عهدن تي ٻن ليفٽيننٽ جنرلن کي فوراسٽار بڻائي مقرر ڪري سگهجي ٿو پوءِ ٻه ليفٽننٽ جنرل جا عهدا خالي ٿي ويندا،هن چيو ته فيصل نصير سي ايم آءِ سي سان تعلق رکي ٿو،تاريخ ۾ ڪڏهن به سي ايم آءِ سي مان آءِ ايس آءِ سربراهه مقرر ناهي ٿيو،هن چيو ته سوشل ميڊيا تي هن وقت جيڪي تبصرا ۽ افواهه هلي رهيا آهن لڳي ٿو ته اداري اندر لابنگ هلي رهي آهي،ماڻهو اهو نٿا پڇن ته ڪمشنر لاهور ڪير آهي بلڪه اهو سوال ڪندا آهن ته لاهور جو ڪورڪمانڊر ڪير آهي؟ڪنهن کي به اها خبر نه هوندي ته آءِ بي جو سربراهه ڪير آهي پر سيڪٽر ڪمانڊر ۽ ڪور ڪمانڊر جو نالو ڄاڻڻ لاءِ هر ماڻهو آتو هوندو،ايجنسين جي پاڻ ۾ جهيڙي ۾ صحافين کي حصو نه بڻجڻ گهرجي،هن چيو ته جنرل نديم انجم کي ڪنهن به الوداعي تقريب کان بغير گهر موڪليو ويو،نوازشريف هن کي ٻيهر آءِ ايس آءِ سربراهه لڳائڻ جي فرمائش ناهي ڪئي،مريم نواز سان گڏ جيڪڏهن جنرل عاصم منير بيٺل آهي ته هوءَ لڪ ڇپ ۾ جنرل نديم انجم سان ملاقاتون ڇو ڪندي؟نديم انجم پنهنجي ڌيءُ لوڌران مان پي ٽي آءِ جي چونڊيل ايم اين اي جي گهر ۾ ڏني آهي،مريم نواز هن جي سفارش ڇو ڪندي؟هن چيو ته ابصار عالم ۽ عاصمه شيرازي ٻڌائن ته نوازشريف ڪڏهن انهن سان مليو؟هن ڪڏهن اهو چيو ته عمران خان جيل ۾ نه هئڻ گهرجي؟