پي آءِ اي جي نجڪاري حڪومتي ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي

                 ۽ نيٺ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پاڪستان جي فخر  جوڳي ايئر لائين پي آءِ اي جي نيلامي ڪري ان کي خانگائي ڇڏيو آهي. ملڪ جو هي اهم ادارو عارف حبيب ڪنسور شيم 135 ارب روپين جي ٻولي لڳائي خريد ڪري ورتو آهي. ايئن عارف حبيب ڪنسورشيم قومي ايئر لائينز جا 75 سيڪڙو شيئرز خريد ڪري ورتا آهن جنهن کي اسان ملڪ ۽ پي آءِ اي جي بدقسمتي سمجهون ٿا. ان عمل کي حڪومتي حلقا ساراهي رهيا آهن جڏهن ته غير حڪومتي حلقا ان عمل تي سخت تنقيد به ڪري رهيا آهن ۽ ان کي  الميو به ڄاڻائي رهيا آهن.

 مخالف ڌر پي آءِ اي جي نجڪاري تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پي آءِ اي ته شروعات  آهي نه ڄاڻ اڃان ڪيترا ادارا حڪومتي ماڻهو خريد ڪندا. سندن چوڻ آهي ته نااهل حڪمرانن جي مبينه ڪرپشن، بدانتظامي ۽ غلط پاليسين سبب قومي ادارا زوال جو شڪار  ٿي رهيا آهن تنهن ڪري ادارن جي تباهي جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ گهرجي. ڏسجي ته دنيا اندر قومي اثاثن کي تحفظ ڏنو ويندو آهي پر هتي انهن مان جان ڇڏائڻ تي سوچيو ويندو آهي. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي هيڊ آفيس جي ٻاهران ملازمن ان نجڪاري خلاف پهرين ڏينهن ئي احتجاج ڪيو. سندن چوڻ هو ته پي آءِ اي جي نجڪاري سان هزارين ملازمن جي روزگار کي خطرو آهي ٻيو ته اهو ملڪ ۽ اداري ٻنهي جي مفاد ۾ ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته پي آءِ اي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڌارا آندا وڃن نه ڪي ان کي نجي شعبي جي حوالي ڪجي.

اسان پي آءِ اي جي نجڪاري واري عمل تي ان موقف جا حامي آهيون جيڪو غير جانبداراڻو ۽ مخالف ڌر جو آهي. اسان ته انهن ادارن کي ئي ملڪ جا ٿنڀ سمجهون ٿا جن تي هي ملڪ معاشي طور بيٺل آهي. جيڪڏهن ڪا حڪومت پنهنجن ادارن جي اهميت  ۽ ضرورت کي نه سمجهي ته ان تي حيرت جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو، ڇا ڪو ملڪ ادارن بنا هلي سگهي ٿو، ڪا عمارت ٿنبن بنا بيهي سگهي ٿي؟ بلڪل به نه. اها ڳالهه سڀ سمجهن ٿا سواءِ مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت جي. اها به حقيقت آهي ته مسلم ليگ (ن) هر دور ۾ ملڪي ادارن کي خانگائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. جڏهن ته ٻيون ڌريون ان جي خلاف رهيون آهن ۽ اهي ملڪي ادارن جي مضبوطي جون قائل رهيون آهن. تنهن ڪري انهن سميت اسان جو ا هو ئي خيال آهي ته حڪومت پنهنجي ان پاليسي تي نظرثاني ڪري. ٻي صورت ۾ اهو سڀ حڪومت جي خلاف به وڃي سگهي ٿو.

 ويجهي ماضي ۾ اوهان سڀني کي ياد هوندو ته جڏهن جنرل مشرف اسٽيل مل کي خانگائڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته تڏهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار چوڌري ان فيصلي کي رد ڪيو هو جنهن جي ردعمل ۾ صدر مشرف کيس عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو هو. اها برطرفي پوءِ مشرف جي ڳچيءَ ۾ پئي هئي، سندس خلاف ۽ افتخار چوڌري جي بحالي لاءِ ملڪ اندر وڪيلن جي هڪ تمام وڏي تحريڪ هلي هئي جنهن ۾ پوءِ سياسي جماعتون به شامل ٿي ويون هيون ۽ ان عوامي تحريڪ جي نتيجي ۾ صدر مشرف کي آخرڪار استعيفيٰ ڏيڻي پئي هئي. ان روشنيءَ ۾ موجوده حڪومت کي به خبردار رهڻ گهرجي ته ڪٿي ان خلاف به ڪا وڏي عوامي تحريڪ نه شروع ٿي وڃي ڇاڪاڻ ته رپورٽون آهن ته حڪومت جو ارادو صرف پي آءِ اي کي خانگائڻ تائين محدود ناهي پر اها اسٽيل مل سميت ٻين ادارن کي به خانگائڻ جو پروگرام  رکي ٿي.

جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پي آءِ اي جي جمهوري راءِ جو احترام نه ڪيو ۽ ضد تي قائم رهي ته پوءِ مشرف مخالف تحريڪ جي ايڪشن ري پلي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ان ماضيءَ جي واقعي کي هتي ورجائڻ مان مراد اها آهي ته جيئن مسلم ليگ (ن) جي موجوده وفاقي حڪومت ساڳي غلطيءَ کي نه ورجائي پر هتي الميو اهو آهي ته حڪومتي طاقت جي نشي ۾ عوامي راءِ کي اهميت ناهي ڏني ويندي ۽ ان نشي ۾ حڪمران پنهنجي هوڏ تي قائم رهندا آهن جيڪا کين خراب انجام تي ئي رسائيندي آهي.

سو جمهوري حڪومت هئڻ ناتي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي گهرجي ته اها پي آءِ اي جي ملازمن جي احتجاج ۽ ردعمل کي عزت ڏي ۽ ان روشني ۾ پنهنجو فيصلو واپس وٺي. ڇاڪاڻ ته جمهوري حڪومت جو مقصد صرف پنهنجي منشور تي عمل ناهي ڪرڻو هوندو پر عوامي قبوليت کي به ڏسڻو هوندو آهي ۽ عوامي سطح تي ڏسجي ته ڪير به پي آءِ اي جي نيلامي ۽ وڪري ۾ خوش ناهي. عوام جو خيال اهو آهي ته ملڪي ادارن کي حڪومتون پاڻ هلائين پر جيڪڏهن حڪمران پنهنجي نااهلي  ۽ خراب ڪارڪردگي سبب ادارا هلائڻ کان لاچار هجن ته ان جي سزا ادارن ۽ ملڪ کي نه پر پاڻ کي ڏين. ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ اهو ئي آهي ته ادارن کي قومي غيرت سمجهي انهن کي پاڻ سنڀالڻ جو انتظام ڪرڻ گهرجي. ادارن کي وڪرو ڪرڻ صرف ڪنهن حڪومت جي ناڪامي ناهي پر اها ملڪ جي به بدنامي آهي. اها به حيرت آهي ته هن معاملي ۾ ملڪ ۽ حڪومت بظاهر غريب نظر اچي ٿي پر شخصيتون ملڪن کان به امير هجن ٿيون. مخالف ڌر ته اهو به الزام هڻي ٿي ته حڪمران جماعت پنهنجن ماڻهن کي ادارا وڪرو ڪري ٿي. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته جنهن ڪمپني جي سربراهه پي آءِ اي جي جهازن کي خريد ڪيو آهي تنهن جو ڪردار به مشڪوڪ آهي. اسان جو ان سان ڀلي کڻي تعلق نه هجي پر پي آءِ اي دنيا اندر پاڪستان جو نالو روشن ڪيو ۽ عزت ڏياري. ان عزت، شان ۽ وقار کي وڪرو ڪرڻ ڪنهن ريت به مناسب ناهي.

سو پنهنجو خيال اهو آهي ته ملڪي ادارن کي وڪرو ۽ خانگائڻ بدران  انهن کي سنڀالي هلائڻ جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي ٻيو ته عوامي ۽ چونڊيل حڪومت هئڻ ناتي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي انهن ادارن جي ملازمن جو به خاص خيال ڪرڻ گهرجي جن کي بيروزگاري ۽ دربدر ٿيڻ جي پريشاني اچي وڪوڙيو آهي. انهن جي ردعمل جي تقاضا اها آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت نجڪاري واري پاليسي واپس وٺي ڪري ادارن جي پنهنجي طور مالڪي ڪرڻ جو سوچي، ان ۾ ئي ملڪ، حڪومت ۽ عوام جي عزت ۽ قومي غيرت سمايل آهي. تنهن ڪري حڪومت کي ان معاملي ۾ ڪنهن ضد تي بيهڻ بدران جمهوري راءِ جو احترام ڪري پنهنجي نجڪاري واري پاليسي تان هٿ کڻڻ گهرجي ان ۾ ئي سڀني جو ڀلو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.