سنڌ سمال انڊسٽريز جي ايڊمن کي غلط بياني تي هٿ ڪڙيون

سکر(رپورٽ : شفيع محمد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس ارباب حسين هڪڙو جي عدالت سنڌ سمال انڊسٽريز جي ايڊمن ڊائريڪٽر احسان خان کي عدالت ۾ غلط بياني ڪرڻ تي هٿ ڪڙيون هڻي ويهاري ڇڏيو. درخواست گذار رٽائرڊ ملازم عبدالغفار شيخ پاران پينشن نه ملڻ خلاف وڪيل معرفت درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 15 مهينا گذرڻ باوجود پينشن ۽ ٻيون مراعتون نه پيون ملن، عدالت ايڊمن کان پڇاڻو ڪيو جنهن تي هو عدالت کي مطئن ڪرڻ بدران غلط بياني ڪرڻ لڳو. جسٽس ذوالفقار علي سانگي عدالت کي گمراهه ڪرڻ تي کيس هٿ ڪڙيون هڻي گرفتار ڪرائي ويهاري ڇيو. ڪجهه ڪلاڪن بعد معافي وٺڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو. ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست گذار جو مسئلو حل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت، ٻڌڻي 4 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.