سنڌ سرڪار موٽرسائيڪل سوارن تي ڳرا ڏنڊ گهٽائڻ لاءِ راضي

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل سوارن تي لاڳو ڳرا چالان گهٽائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي۔ذريعن موجبڪراچي ۾ اي-چالانز بابت سنڌ اسيمبلي جي خاص ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي جي مطالبي تي سنڌ حڪومت بائيڪ سوارن جا چالان گهٽائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي۔هي اجلاس صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي سربراهي ۾ ٿيو۔ ذريعن ٻڌايو ته 1000 سي سي تائين گاڏين جي ڏنڊن ۾ به گهٽتائي ڪئي ويندي۔علي خورشيدي چيو ته،اسان شهر ۾ بينر نه لڳايا آهن، پر هن معاملي تي عملي ڪم ڪيو آهي، اسان اي-چالان جي خلاف ناهيون، پر انهن جي ڳرن ڏنڊن ۾ گهٽتائي چاهيون ٿا۔”ڇو ته غريب ۽ وچولي طبقي تي غير متناسب ڏنڊ ناانصافي آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.