تڪراري سوال تي هاءِ ڪورٽ بار جو ايس پي ايس سي کان معافي جو مطالبو

حيدرآباد (رپورٽر) هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تڪراري سوال جي سخت مذمت ڪئي وئي. بار ايسوسيئيشن موجب 22 ڊسمبر 2025ع تي ورتل امتحان جي سوال نمبر 6 ۾ “نئين سب نيشنل يونٽن جي قيام جي ضرورت” بابت تنقيدي جائزي جي دعوت ڏيڻ، رڳو علمي سوال نه پر سنڌ کي ورهائڻ جي غيرآئيني ۽ ثقافتي طور توهين جوڳي ايجنڊا کي جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي سوال کي شامل ڪرڻ، ڄاڻي واڻي انهن عنصرن لاءِ ذهني سهولت فراهم ڪرڻ جي برابر آهي، جيڪي سنڌ جي وحدت، سڃاڻپ ۽ تاريخي تسلسل کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا. بيان ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي غيرذميوار ۽ چڙ ڏياريندڙ عمل تي عوام آڏو فوري وضاحت پيش ڪري ۽ سنڌ جي عوام کان لکت ۾ معافي وٺي. ساڳئي وقت سنڌ حڪومت کان پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي موقف کي واضح ڪري، معاملي جي جاچ ڪرائي ۽ يقيني بڻائي ته ڪو به سرڪاري ادارو غيرقانوني، غيرآئيني يا ثقافتي طور تباهه ڪندڙ ايجنڊائن جو سهڪاري نه بڻجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.