پلوشه خان پاران عليم خان خلاف استحقاق جي رٿ جمع

اسلام آباد(بيورو)سينيٽر پلوشه خان وفاقي وزيرِ مواصلات عبدالعليم خان خلاف سينيٽ سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ تحريڪِ استحقاق جمع ڪرائي ڇڏي آهي، تحريڪِ استحقاق موجب، وفاقي وزير عبدالعليم خان فنڊز بابت سوال جو جواب ڏيڻ بجاءِ گوڙ شروع ڪري ڇڏيو هو۔تحريڪِ استحقاق ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير عبدالعليم خان تذليل ۽ ڌمڪيءَ واري زبان استعمال ڪئي،هن چيو ته منهنجي سوال تي عليم خان ڀڙڪجي ويو ۽ جواب نه ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.