اسلام آباد (عمار مسعود) محمود خان اچڪزئي، بئريسٽر گوهر، راڻا ثناءُالله، طارق فضل چوڌري چيو ته ڳالهيون ٿيڻ گهرجن پر عليما خان چوي ٿي ته ڳالهيون ڪرڻ وارا عمران خان جا ساٿي ناهن. عليما خان اهڙيون ئي ڳالهيون ڪندي آهي. عليما خان جو جيڪو بيانيو آهي اهو عمران خان جي حق ۾ ناهي. اهو عمران خان ۽ ساٿين لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪندو، مسئلواهو اهي ته عليما خان پارٽي کي هائجيڪ ڪري چڪي آهي پر اها پارٽي جي ڪارڪنن کي سمجهه ۾ نٿي اچي، اڳتي هلي اها ڳالهه کين سمجهه ۾ ايندي.