راولپنڊي(عوامي آواز رپورٽ)عمران خان سان ملاقات نه ٿيڻ تي عليمه خان ۽ پارٽي ڪارڪنن اڊياله جيل ڀرسان ڌرڻو هڻي ڇڏيو۔ عليمه خان چيو ته عمران خان طرفان ڳالهيون نه ڪرڻ جو پيغام ڏنو ويو آهي، ۽ هاڻ جڏهن عمران خان واضح پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته جيڪو به ڳالهين جي ڳالهه ڪندو، اهو باني پي ٽي آءِ جي پارٽي جو نه هوندو۔عمران خان سان ملاقات لاءِ سندس ڀينرون عليمه خان، ڊاڪٽر عظميٰ ۽ نورين خان گورکپور ناڪي تي پهتيون ۽ اتي کان پيدل جيل ڏانهن روانيون ٿيون۔ عليمه خان جي اڳواڻي ۾ سمورا ڪارڪن به گورکپور ناڪي کان پيدل روانا ٿيا، جڏهن ته باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن جي گاڏي کي ناڪي کان اڳتي وڃڻ نه ڏنو ويو۔ٽيئي ڀينرون ننڍڙي جلوس سان گڏ فيڪٽري ناڪي تائين پهچي ويون۔ پوليس رڪاوٽون بيهاري روڊ مڪمل طور سيل ڪري ڇڏيو۔ عليمه خان، ڊاڪٽر عظميٰ ۽ نورين خان کي فيڪٽري ناڪي تي روڪيو ويو، جتي ڪارڪنن نعريبازي ڪئي۔بعد ۾ ملاقات نه ٿيڻ سبب باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن فيڪٽري ناڪي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو ۔ سلمان اڪرم راجه ۽ شفيع الله جان به فيڪٽري ناڪي تي پهچي ويا،عليمه خان چيو ته اسين هتي ملاقات لاءِ ويٺا آهيون ۽ دنيا کي ڏيکاري رهيا آهيون ته اسان کان اسان جو آئيني حق کسيو پيو وڃي۔ باني تي ذهني تشدد ڪيو پيو وڃي، بشريٰ بي بي کي به قيدِ تنهائي۾ رکيو ويو آهي۔ اسين باني کي اڪيلو نه ڇڏينداسين۔”
اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف سڀني سياسي جماعتن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي، پر ساڳي وقت هن اهو به چيو آهي ته
سياسي ڊائلاگ جي آڙ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪنهن به ناپاڪ ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو،وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته،پاڪستان جي حڪومت ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سياسي هم آهنگي لاءِ سڀني سياسي جماعتن سان پرامن ڊائلاگ بابت پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي.”هن وڌيڪ چيو ته ذاتي طور تي مون ڪيترائي ڀيرا سڀني سياسي جماعتن کي ڊائلاگ جي آڇ ڪئي آهي. سياسي ڊائلاگ جي نالي ۾ امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.”ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي شهباز شريف جي آڇ جو آڌرڀاءُ ڪري ٿي.هن نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جو بيان شيئر ڪيو، جنهن مطابق،ڳالهين جو ذمو اسان ان وقت کنيو جڏهن حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار نه هيون. پر اڄ وزيراعظم طرفان واضح ۽ مثبت پاليسي بيان نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جي لڳاتار جدوجهد ۽ ڪوششن جو نتيجو آهي. هي آڇ ملڪ ۾ سياسي استحڪام، جمهوري تسلسل ۽ قومي ترقي لاءِ هڪ سنهري موقعو فراهم ڪري ٿي، جنهن کي سڀني ڌرين کي ضايع نه ٿيڻ گهرجي،بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته،اعتمادسازي جو هي قدم نه رڳوڳالهين کي مضبوط بڻائيندو، پر ملڪ ۾ سياسي مفاهمت جي نئين بنياد به وجهندو. نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جو خيال آهي ته موجوده حالتن ۾ ڳالهه ٻولهه ئي اهو واحد رستو آهي، جيڪو پاڪستان کي ورهاست ۽ تڪرارن مان ڪڍي اتحاد ۽ ترقي ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو.”اسان سڀني سياسي جماعتن کان اپيل ڪريون ٿا ته قومي مفاد کي ترجيح ڏيندي هن عمل جو حصو بڻجن ۽ هڪ جامع چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ چارٽر آف اڪانومي تي اتفاق راءِ پيدا ڪن، ته جيئن ملڪ مستقل سياسي استحڪام ۽ معاشي خوشحالي ڏانهن وڌي سگهي.”ياد رهي ته نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي ۾ فواد چوڌري سان گڏ عمران اسماعيل ۽ محمود مولوي به شامل آهن.ملڪ ۾ گذريل هڪ سال کان سياسي ڇڪتاڻ جاري آهي. ڊسمبر 2024 جي آخر ۾ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون هيون، پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيون تحريڪ انصاف 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن بابت جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪري چڪي آهي ۽ هن پنهنجن گرفتار ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي آزادي جو به مطالبو ڪيو آهي.
راولپنڊي(عوامي آواز رپورٽ)چيئرمين پي ٽي آءِ بئرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته جيڪڏهن اچڪزئي وٽ مينڊيٽ موجود آهي ته هو ضرور ڳالهيون ڪري، پر جيڪڏهن عليمه خان چئي رهي آهي ته ڪنهن وٽ به ڳالهين جا اختيار موجود ناهن ته يقيناً ڪو نه ڪو پيغام ضرور آيو هوندو.”راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته،اڄ ملاقات ٿيندي نظر نٿي اچي، پر ملاقات ضرور ٿيڻ گهرجي. مسئلا وڌندا پيا وڃن، ملڪ اڳ ئي مشڪلاتن ۾ آهي. جيڪڏهن ڪجهه به نه ٿيو ته سال ختم ٿيڻ کان اڳ ملاقات ٿيڻ گهرجي. ڀينرن جي ملاقات تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. بشريٰ بي بي جي فيملي کي به ملاقات جي اجازت ملڻ گهرجي.”هن چيو ته،عوام کي باني پي ٽي آءِ جي صحت بابت ڄاڻ هجڻ گهرجي، اهو اسان جو حق آهي. جيڪڏهن باني پي ٽي آءِ جي ڪيسن جا فيصلا ٿي چڪا هجن ها ته هو اڄ ٻاهر هجن ها. بئرسٽر گوهر علي خان چيو ته،حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ جيڪي مذاڪرات بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان تي عليمه خان جو موقف موجود آهي، مان ان بابت وڌيڪ ڪجهه نه چوندس. هن چيو ته،چاهي مزاحمت هجي يا مفاهمت، رستو کولڻ گهرجي. جيڪڏهن اسين حڪومت ۾ هجون ها ته ڪنهن ٻئي طريقي سان سوچيون ها. اسين ڇا ڪنداسين اها الڳ ڳالهه آهي، پر حڪومت جو رويو بلڪل غلط آهي. حڪومتون اهڙيون ناهن هونديون. حڪومت اپوزيشن جو مينڊيٽ نه کسي، پر گڏ کڻي هلي ۽ مذاڪرات ڪري. هتي پوليس بيٺي آهي، اسين ڇا ڪريون؟ اسين اچون ٿا ۽ واپس هليا وڃون ٿا.هن چيو ته جتي تائين منهنجي ذاتي ڳالهه آهي، هاڻي بس، تمام گهڻو ٿي چڪو آهي.