واشنگٽن(م ڊ)آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تعريف ڪئي آهي. صدر ٽرمپ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ’هيڊ آف پاڪستان‘ سڏيندي هڪ قابل احترام شخصيت قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني قيادت تڪرار گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.ڏينهن فلوريڊا ۾ جنگ ۽ سامونڊي معاملن وارن وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ روڪڻ جو ڪريڊٽ ورتو.هن چيو ته هن مداخلت ڪري وڏي تباهي روڪي ۽ هن عمل سان تقريباً هڪ ڪروڙ ماڻهن جون زندگيون بچيون.ٽرمپ چيو ته اسان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ امڪاني ايٽمي جنگ کي روڪيو. هيڊ آف پاڪستان، انتهائي معزز فيلڊ مارشل ۽ پاڪستان جو وزيراعظم چيو ته ٽرمپ 10 ملين زندگيون بچايون.“صدر ٽرمپ مطابق، دنيا ۾ هن تائين اهي اٺ جنگيون روڪيون آهن، جن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ممڪن ايٽمي جنگ پڻ شامل هئي.هن ان موقعي تي پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ دوران جهازن جي تباهه ٿيڻ جو به ذڪر ڪيو، پر ان سلسلي ۾ انگن اکرن ۾ اختلاف نظر آيو. هن مختلف موقعن تي ڇهه ۽ اٺ جهازن جي تباهه ٿيڻ جو ذڪر ڪيو.