فيلڊ مارشل ڪثيرالجهتي پرڏيهي پاليسي جو ماهر قرار

لنڊن(عوامي آواز رپورٽ)برطانوي رسالي فنانشل ٽائمز به چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل عاصم منير، جي اثرائتي شخصيت جو اعتراف ڪندي کيس بدلجندڙ عالمي نظام ۾ هڪ مؤثر ۽ حڪمتِ عملي وارو اڳواڻ قرار ڏنو آهي۔فنانشل ٽائمز موجب فيلڊ مارشل عاصم منير گهڻ رخي (ڪثيرالجهتي) پرڏيهي پاليسي جو ماهر آهي،ميگزين مطابق بدلجندڙ عالمي سياست وچولي طاقتن (مڊل پاورز) لاءِ هڪ نئون، پر ڏکيو دور کوليو آهي، ۽ انهن ملڪن لاءِ هي تبديلي ڪافي پيچيده ثابت ٿي رهي آهي۔رپورٽ موجب فيلڊ مارشل عاصم منير وچولي طاقتن مان سڀ کان ڪامياب ملٽي الائنرز (multi-aligners) ۾ شامل آهي، ۽ ٽرمپ سان سڀ کان بهتر هم آهنگي جو اعزاز پاڪستان جي عسڪري سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير کي حاصل ٿيو آهي۔برطانوي جريدِي فيلڊ مارشل عاصم منير کي مڊل پاورز جي سفارتڪاري جي ڪامياب مثال قرار ڏيندي لکيو آهي ته پاڪستان جي قيادت واشنگٽن، بيجنگ، رياض ۽ تهران سان هڪ ئي وقت لاڳاپن ۾ سرگرم رهي۔ فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان جي سفارتڪاري کي بدلجندڙ عالمي ماحول ۾ مؤثر نموني اڳتي وڌايو۔ رسالي جو چوڻ آهي ته ٽرمپ سان وقت سر خوش گفتاري ۽ نرم سفارتي رويو اثرائتو ثابت ٿيو۔ پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي ڀارت کي مايوس ڪيو۔ ڀارت لاءِ وچولي طاقت جو ڪردار توقع کان وڌيڪ ڏکيو ثابت ٿيو، ڇو ته هندستان بدلجندڙ عالمي حالتن ۽ ٽرمپ جي انداز سان هم آهنگ ٿي نه سگهيو۔ هن سفارتي ناڪامي سبب هندستان کي مڊل پاور حڪمتِ عملي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.